راولپنڊي- 10 مئي (اي پي پي) پاڪ فوج جي عوامي رابطن واري شعبي (آءِ ايس پي آر) چيو آهي ته 9 مئي جو ڏينهن هڪ ڪاري باب طور ياد رکيو ويندو، جيڪو ڪم ملڪ جو ابدي دشمن 75 سا??ن ۾ نه ڪري سگهيو اهو اقتدار جي هوس ۾ مبتلا گروه سياسي لباس اوڙهي ڪري ڏيکاريو آهي، اهڙي ڪڌي ڪوشش ڪئي ??ئي ته پاڪ فوج پنهنجو فوري رد عمل ڏي جنهن کي ناپاڪ سياسي مقصدن لاءِ استعمال ڪري سگهجي پر پاڪ فوج جي ذميواراڻي رد عمل ان سازش کي ناڪام بڻائي ڇڏيو، اسان کي چڱي طرح خبر آهي ته ان جي پويان پارٽي جي ڪجهه شرپسند قيادت جا حڪم،هدايتون ۽ مڪمل اڳواٽ رٿابندي هئي ۽ آهي، ڪنهن کي به عوام کي اڪسا??ڻ ۽ قانون کي هٿ ۾ کڻڻ جي اجازت نٿي ڏئي سگهجي، وڳوڙين خلاف سخت ڪارروائي ڪئي ويندي. آءِ ايس پي آر مان جاري بيان ۾ چيو ويو ته پي ٽي آءِ چيئرمين کي نيب جي پڌرائي موجب ڪالهه اسلام آباد هاءِ ڪورٽ مان قانون موجب حراست ۾ ورتو ويو. پي ٽي آءِ چيئرمين جي گرفتاري کان فورن بعد هڪ منظم طريقي سا?? آر??ي جي ملڪيتن ۽ ٺڪاڻن تي حملا ڪرايا ويا ۽ فوج مخالف نعريبازي ڪرائي وئي. هڪ طرف ته اهي شرپسند عنصر عوا??ي جذبن کي پنهنجي محدود ۽ خود غرض مقصدن کي پورو ڪرڻ لاءِ ڀرپور طريقي سا?? اڀاريندا آهن ۽ ٻئي طرف ماڻهن کي اکين ۾ ڌوڙ وجهندي ملڪ لاءِ فوج جي اهميت کي به اجاگر ڪندي نه ٿڪجندا هئا جيڪو ٻٽي معيار جو مثال آهي. بيان ۾ چيو ويو ته فوج انتهائي صبر، بردباري جو مظاهرو ڪيو ۽ پنهنجي ساک جي به پرواهه نه ڪندي ملڪ جي وسيع مفاد ۾ انتهائي صبر ۽ برداشت کان ڪم ورتو. ناپاڪ رٿابندي تحت پيدا ڪيل ان صورتحال مان اها ڪڌي ڪوشش ڪئي ??ئي ته آرمي پنهنجو فوري رد عمل ڏي جنهن کي پنهجي ناپاڪ سياسي مقصدن لاءِ استعمال ڪري سگهجي. آر??ي جي ميچوئر ريسپانس ان سازش کي ناڪام بڻائي ڇڏيو. بيان ۾ چيو ويو ته فوج سميت سمورن قانون لاڳو ڪندڙ ادارا، فوجي ۽ رياستي ٺڪاڻن ۽ ملڪيتن تي ڪنهن به وڌيڪ حملي جي صورت ۾ شديد رد عمل ڏنو ويندو جنهن جي مڪمل ذميواري انهي ??ولي تي هوندي جيڪو پاڪستان کي گهرو ويڙهه طرف ڌڪڻ چاهي ??و ۽ هر ڀيري ۽ ڪيترائي ڀيرا ان جو اظهار به ڪري چڪو آهي، ڪنهن کي به عوام کي اڪسا??ڻ ۽ قانون کي هٿ ۾ کڻڻ جي اجازت نٿي ڏئي سگهجي.
9 مئي جو ڏينهن ڪاري ڏينهن طور ياد ڪيو ويندو، جيڪو ڪم ملڪ جو ابدي دشمن 75 سالن ۾ نه ڪري سگهيو اهو اقتدار جي هوس ۾ ورتل هڪ گروهه سياسي لباس اوڙهي ڪيو، پارٽي جي ڪجهه شرپسند قيادت جي حڪمن ۽ اڳواٽ رٿابندي هئي ۽ آهي: آءِ ايس پي آر
مضمون کا ماخذ : لاٹری کا حساب