اسلام آباد – 06 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پاڪستان ٽيليويزن، فلم، ريڊيو ۽ اسٽيج جي ناليواري اداڪار قوي خان جي لاڏاڻي تي گهري افسوس ۽ ڏک جو اظهار ڪيو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم شهباز شريف مرحوم جي ??رجن جي ??لندي جي ل??ءِ دعا ڪئي ۽ ان جي ??اندان سان تعزيت جو اظهار ڪيو آهي. وزيراعظم چيو ته قوي خان جي لاڏاڻي سان پاڪستان هڪ ليجينڊ اداڪار کان محروم ٿي ويو. قوي خان هڪ اڪيڊمي جي ??يثيت رکندو هو، ان جهڙو اداڪار صدين ۾ پيدا ٿيندو آهي. قوي خان ريڊيو پاڪستان پشاور کان چائلڊ اسٽار طور ڪم شروع ڪيو، جيڪو ان جي فطري ٽيلينٽ جو ثبوت آهي. هن چيو ته قوي خان ورسٽائل اداڪار هو، جنهن هر طرح جو ڪردار بهتر طور تي ادا ڪيو ۽ ان جي ??داڪاري حقيقت جي ويجهو ۽ قدرتي هئي. هو پاڪستان ٽيليويزن جي ??ن شروعاتي اداڪارن مان هو جن پاڪستان ٽيليويزن ڊرامن جو بنياد رکڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. ”لاکهون مين تين“ ۽ ”ا??ڌيرا اجالا“ ۾ سندس اداڪاري عوام جي ??هنن تي اڄ به زندهه آهي. وزيراعظم چيو ته تمغه حسن ڪارڪردگي ۽ ستاره امتياز جي ??عزاز قوي خان جي فنڪاراڻي صلاحيتن جو رياستي سطح تي اعتراف آهي. پاڪستان ٽيليويزن ۽ فلم جا ناظرين سندس کوٽ سدائين محسوس ڪندا رهندا. وزيراعظم دعا ڪئي ته الله تعاليٰ مرحوم کي جنت ۾ اعليٰ مقام عطا فرمائي.
وزيراعظم پاران قوي خان جي لاڏاڻي تي افسوس جو اظهار
مضمون کا ماخذ : ڈوپلا سینا