اسلام آباد– 23 – جنوري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي سوئيڊن ۾ قرآن پاڪ جي بي حرمتي جي مذمت ۽ اسلامو فوبيا جي خلاف اجتماعي عزم جو مطالبو ڪندي چيو آهي ته اظهار جي آزادي جي آڙ ۾ اسلام جي مقدس ڪتاب جي توهين سان اربين مسلمانن جي جذ??ن کي مجروح ڪيو ويو ??هي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موج?? صدر چيو ته قرآن جي توهين جو عمل جاهلاڻو، چڙ ڏياريندڙ ۽ اسلامو فوبڪ ??هي. اهو غيرقانوني ۽ غير اخلاقي واقعو بنا سبب چڙ ڏياريندڙ ۽ دنيا جي مسلمانن جي جذ??ن کي مجروح ڪرڻ جو عمل ??هي. هن چيو ته اهو مذمت جوڳو عمل عالمي سطح تي تسليم ٿيندڙ اصولن ۽ اظهار جي جائز آزادي جي اصولن جي ابتڙ ??هي. صدر چيو ته اظهار راءِ جي آزادي نفرت انگيز تقريرن ۽ ماڻهن کي تشدد تي اتساهڻ جي اجازت نه ٿي ڏي. اسلام دنيا جي سڀني مذ??بن جي لاءِ عزت ۽ احترام جي تلقين ڪري ٿو. ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته ان ڪڌي فعل سان مسلمانن جي مقدس قدرن جي توهين ڪري ڏک پهچايو ??هي. اهو عمل دنيا ۾ اسلامو فوبيا جي خطرناڪ سطح کي ظاهر ڪري ٿو. صدر چيو ته عالمي برادري اسلامو فوبيا جي خلاف گڏيل عزم جو مظاهرو ڪري. هن رواداري ۽ گڏيل بقاءَ جي قدرن کي مستحڪم بڻائڻ جي لاءِ عالمي ڪوششن جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته نفرت جي نظريي کي فروغ ڏيندڙ ۽ انتهاپسند ۽ بنياد پرست عنصرن کي نفرت پکيڙڻ جي اجازت نه ڏيڻ گهرجي.
صدر پاران سوئيڊن ۾ قرآن پاڪ جي بي حرمتي جي مذمت ۽ اسلامو فوبيا جي خلاف اجتماعي عزم جو مطالبو
مضمون کا ماخذ : جڑواں اسپن