اسلام آباد – 26 – ڊسمبر (اي پي پي) خاتون ا??ل بيگم ثمينه عارف علوي خصوصي ماڻهن بابت بيانيي کي تبديل ڪرڻ جي ضرو??ت تي زور ڏيندي چيو آهي ته خصوصي ماڻهن جي بحالي ۽ ترقي ۾ درپيش چئلينجن تي ضا??طو آڻڻ جي لاءِ معاشرتي روين ۾ تبديلي جي ضرورت آهي. هن ڪراچي ڊائون سنڊروم پروگرام جو دورو ڪيو ۽ ڊائون سنڊروم کان متاثر ماڻهن کي معاشري ۾ ضم ڪرڻ جي لاءِ تنظيم جي ڪوششن کي ساراهيو. خاتون ا??ل خاص طور تي شروعاتي سالن ۾ خاندان جي مدد ۽ انهن جي شموليت جي ضرو??ت تي پڻ ڳالهه ڪئي. هن خصوصي ماڻهن کي قومي معيشت ۾ ضم ڪرڻ جي ضرو??ت تي زور ڏنو ته جيئن ا??هن جي تشخص کي تبديل ڪري سگهجي. خاتون ا??ل لرننگ سينٽر ۾ ٻارن ۽ انهن جي والدين سان ڳالهه ٻولهه ڪئي ۽ ڊائون سنڊروم جي شڪار ماڻهن کي درپيش مسئلن جي حل لاءِ ڪي ڊي ايس پي جي ڪم کي ساراهيو. ڪراچي ڊائون سنڊروم پروگرام هڪ غير منافعو ڏيندڙ تنظيم آهي جيڪا ٻارن ۽ ڊائون سنڊروم جي شڪار ماڻهن جي سارسنڀال جي طريقيڪار جي نئين سر وضاحت جي لاءِ وقف آهي. اها تنظيم گذريل 8 سالن کان ڪم ڪري رهي آهي ته جيئن ڊائون سنڊرم جي شڪار ماڻهن کي هڪ ٺوس معاشري ۾ آزاد ۽ پيداواري زندگي گذارڻ جي قابل بڻائي سگهجي.
خصوصي ماڻهن جي بحالي ۽ ترقي ۾ درپيش چئلينجن تي ضابطو آڻڻ جي لاءِ معاشرتي روين ۾ تبديلي جي ضرورت آهي: بيگم ثمينه عارف علوي
مضمون کا ماخذ : کمپیوٹر لاٹری کے نمبر