اسلام آباد – 15 – جون (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر ع??رف علوي ملڪ جي تيز رفتار سماجي ۽ اقتصادي ترقي لاءِ اڀرندڙ انفارميشن ٽيڪنالاجي ٽولز کي اختيار ڪرڻ جي رفتار کي تيز ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته نوجوانن ۽ انساني وسيلن جي ترقي تي ڌيان ڏيڻ سان ئي تيز رفتار ترقي ممڪن آهي. صدر اهڙن خيالن جو اظهار گلگت ۾ قراقرم انٽ??ني??نل يونيورسٽي جي 10 هين ڪانووڪيش?? کي خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته نوجوان?? کي مارڪيٽ جي ضرورتن موجب هنر سيکاري مختصر عرصي ۾ تيز رفتار سماجي ۽ اقتصادي ترقي حاصل ڪري سگهجي ٿي، عورت?? کي معيشت جي مرڪزي ڌارا ۾ شامل ڪرڻ، مختلف پيشن ۾ نوڪريون فراهم ڪري مالي طور تي بااختيار بڻائڻ جي ضرورت آهي، صدر چيو ته عورتون تعليم حاصل ڪرڻ کانپوءِ افرادي قوت جو حصو بڻجن ۽ ڪم ڪنديون رهن، رياست ۽ سماج عورتن جي تعليم تي تمام گهڻي سيڙپڪاري ڪئي آهي، ڊاڪٽر ع??رف علوي چيو ته جديد ترين آءِ ٽي ٽولز سان عورتن لاءِ پارٽ ٽائم نوڪري ڪرڻ ۽ گهرن کان آن لائين خدمتون پيش ڪرڻ ممڪن ٿي ويو آهي، صدر چيو ته عورت?? کي آسان شرطن تي ڪاروباري قرض فراهم ڪيا ويا آهن، ڪاروباري قرضن مان فائدو کڻندڙ عورتن جو تعداد وڌائڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته 80ع ۽ 90ع جي ڏهاڪي ۾ پاڪستان پنهنجي بهترين انساني وسيل?? کي ٻاهرين ملڪ برآمد ڪيو، بهترين انساني وسيلن جي برآمد سان ملڪ ۾ قابل ۽ هنرمند انساني وسيلن جي کوٽ واقع ٿي، ملڪ ۾ هنرمند انساني وسيلا برقرار رکڻ لاءِ سازگار حالتون پيدا ڪيون وڃن، صدر نوجوانن تي زور ڏنو ته هو نتيجا خيز پيشيوراڻي زندگي لاءِ علم ۽ هنر سان اعليٰ اخلاقي قدر ۽ معيار اختيار ڪن، ڊاڪٽر ع??رف علوي چيو ته غير تعليم يافته غير هنرم??د آبادي کي علم ۽ هنر فراهم ڪري قومي ڌارا ۾ شامل ڪرڻ معاشري جي تعليم يافته طبقن جي اضافي ذميداري آهي. صدر چيو ته ملڪ کي اڳتي وٺي وڃڻ لاءِ نوجوان نسل جو ڪردار سڀني کان اهم آهي، پاڪستاني زندگي جي هر شعبي ۾ ماهر پيدا ڪيا آهن جيڪي ملڪي ترقي ۽ خوشحالي ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهيا آهن، اسان دهشتگردي جو ڄمي مقابلو ڪيو ۽ 40 لک پناهگير?? کي 40 سالن تائين پناهه ڏني آهي، هن چيو ته گلگت بلتستان معدني وسيلن سان مالا مال آهي، ضرروت ان ڳالهه جي آهي ته ان شعبي ۾ ماهر پيدا ڪيا وڃن ته جيئن ان دولت کي ملڪي ترقي لاءِ استعمال ۾ آڻي سگهجي. ان کان اڳ صدر ڊاڪٽر ع??رف علوي پوزيشن هولڊرز ۾ ميڊلز ورهايا.
نوجوانن ۽ انساني وسيلن جي ترقي تي ڌيان ڏيڻ سان ئي تيز رفتار ترقي ممڪن آهي: صدر ڊاڪٽر عارف علوي
مضمون کا ماخذ : خداؤں کی عمر