اسلام آباد – 11 – مارچ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ملڪي ترقي لاءِ صنعتن ۽ ڪاروبارن جي اهميت کي اجاگر ڪندي ??يو آهي ته پاڪستان جي سياحت جي شعبي ۾ بي پناهه موقعا آهن جنهن مان ڀرپور طور تي فائدو کڻڻ جي ضرورت ??هي?? ان سلسلي ۾ نوجوانن کي مناسبت تربيت ۽ رهنمائي فراهم ڪئي وڃي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ايوان صنعت ۽ واپار سوات جي وفد سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن عدنان علي جي قيادت ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. صدر ??يو ته صنعتون ۽ ڪاروباري برادري واپاري ماپو وڌائڻ ۽ ملڪي ترقي ۾ اه?? ڪردار ادا ڪري رهي آهي. صدر سوات ۾ سياحت جي شعبي ۾ ترقي جي موقعن جي اهميت کي اجاگر ڪندي ??يو ته سياحت جي شعبي ۾ امڪانن مان فائدو کڻي ملازمت جا موقعا پيدا ڪري سگهجن ٿا. ان سلسلسي ۾ نوجوانن کي مهمان نوازي ۽ قيام ۽ طعام جي شعبي ۾ تربيت ڏيڻ جي ضرورت ??هي?? هن ??يو ته ??ڪو??ت ڪامياب جوان پروگرام تحت ڪاروبار شروع ڪرڻ لاءِ قرض فراه?? ڪري رهي ??هي?? سوات جا نوجوان سياحت ۽ مهمانوازي جي شعبي ۾ پنهنجو ڪاروبار شروع ڪن ۽ موقعن مان فائدو کڻن. صدر ??يو ته ??ڪو??ت رستن سميت بنيادي ڍانچي جي ترقي سان سياحت کي فروغ ڏيڻ تي ڌيان ڏئي رهي آهي جڏهن ته نوجوانن کي هنرمند بڻائڻ لاءِ به قدم کنيا پيا وڃن، ان موقعي تي وفد صدر کي پنهنجي مسئلن جي باري ۾ آگاهه ڪيو، صدر وفد کي مسئلن جي حل ۾ تعاون جي خاطري ڪرائي.
پاڪستان جي سياحت جي شعبي ۾ بي پناهه موقعا آهن جنهن مان ڀرپور فائدو کڻڻ جي ضرورت آهي: صدر
مضمون کا ماخذ : کمپیوٹر لاٹری کے اعدادوشمار