اسلام آباد – 16 فيبروري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته بلاول قوم کي ٻڌ??ئي ته بينظير جون حڪومتون ختم ڪرڻ وارا ڪير ماڻهو آهن، جڏهن چوريون گڏيل هجن ته پوءِ پنهنجا سمورا اختلاف پٺتي رهجي وڃن ٿا، بينظير ۽ زرداري تي ڪيس عم??ان خان نه ٺاهيا پر اهي ڪيس ٺاهيندڙ نواز ۽ شهبا?? ئي هئا. بلاول ڀٽو زرداري جي خطاب تي پنهنجي ردعمل ۾ مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو ته علي بابا 40 چور، رستن تي گهيلڻ، پيٽ ڦاڙي ڦريل رقم ڪڍڻ جي دعويٰ ڪندڙ شهباز شريف اڄ ڪٿي بيٺل آهي؟ هن چيو ته پيپلزپارتي سدائين نوڪريون وڪرو ڪيون، ميرٽ ??ي پورو لهڻ جي باوجود نذراني کانسواءِ ڀرتيون نه ٿينديون هيون. مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو ته پيپلزپارٽي ئي اسٽوڊنٽ يونين ۾ غنڊه گردي، قتلام ۽ بدمعاشي جو ڪلچر متعارف ڪرايو. روٽي، ڪپڙا ۽ مڪان جو نعرو هاڻي هڪ مذاق بڻجي چڪو آهي، ڪنهن به حڪومت ۾ پيپلزپارٽي ان تي عمل نه ڪيو. مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو ته اڄ نوجوانن ۾ بيهي بلاول صاف ڪوڙو ڳالهايو ته سنڌ ۾ مفت علاج ٿي رهيو آهي، اڄ به جيڪڏهن سنڌ جي علائقي ٿرپارڪر ۾ مفت علاج آهي ته اهو رڳو صحت انصاف ڪارڊ جي ذريعي ئي ٿي رهيو آهي، سنڌ حڪومت جيڪڏهن سنڌ جي عوام سان وفاداري ڪرڻ چاهي ٿي ته صحت انصاف ڪارڊ پروگرام جي پوئيواري ڪري. هن چيو ته بلاول ٻڌ??ئي ته ساڍا 13 سالن ۾ سنڌ ۾ ڪيتريون يونيورسٽيون، اسڪول ۽ ڪاليجز ??وليا آهن، اصل حقيقت اها آهي ته بلاول جهڙا وڏيرا پاڻ ته علاج ۽ پڙه??ئي جي لاءِ ٻاهرئين ملڪ وڃن ٿا انهي لاءِ تعليم ۽ صحت تي ڪم نه ڪري رهيا آهن.
بلاول قوم کي ٻڌائي ته بينظير جون حڪومتون ختم ڪرڻ وارا ڪير ماڻهو آهن: فرخ حبيب
مضمون کا ماخذ : Loteria Instantânea