ڪراچي – 24 فيبروري (اي پي پي) پاڪ بحريه جي آپريشنل مشق رباط 2018ع ڪراچي ۾ شروع ٿي وئي. مشق جي افتتاحي سيشن ۾ وائيس چيف آف نيول اسٽاف وائيس ايڊمرل ڪليم شوڪت خصوصي مهمان هو. جاري ڪيل پڌرائي موجب رباط سيريز جي مشقن ۾ روايتي کان وٺي غيرروايتي تائين بدل??ند?? ڊگهي مدي وارن خطرن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ پاڪ بحريه جي جن??ي حڪمت عملين جي جاچ ۽ انهن جو عملي مظاهرو ڪيو وڃي ٿو. مشق ۾ بحيره عرب جي ڪنڊڪڙڇ ۾ پاڪ بحريه ۽ پاڪ فضائيه جا گڏيل آپريشنز شامل هوندا. مشق جي افتتاحي سيشن کي خطاب ڪندي وائيس چيف آف نيول اسٽاف پاڪ بحريه جي جن??ي تياري تي ز??ر ڏنو ۽ چيو ته گڏيل جن??ي مشقون جديد جن??ي حڪمت عملي جو بنياد آهن جنهن سان ملڪ جي دفاع لاءِ تربيت جا موقعا ملن ٿا.
مضمون کا ماخذ : لاٹری کی قانونی حیثیت