سيالڪوٽ – 08 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم شا??د خاقان عباسي چيو آهي ته موجوده حڪومت گذريل چئن سالن دوران انتشار پکيڙڻ جي ڪوشش?? جي پرواهه نه ڪندي ملڪ جي ترقي جو سفر جاري رکيو، توانائي سميت مختلف چئلينجن تي ڪاميابي سان ضابطو آندو، 10 هزار ميگاواٽ کان وڌيڪ بجلي قومي گرڊ ۾ شا??ل ڪئي، يقين آهي ته مستقبل ۾ بجلي جي پيداواري لاڳت به گهٽ ٿيندي جنهن سان صنعتون، زراعت ۽ گهريلو صارفين کي وڌيڪ فائدو پهچندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن سيالڪوٽ جي انٽرنيشنل ٽرمينل جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. وزيراعظم چيو ته دنيا ۾ ڪو به گرين فيلڊ ا??ئرپورٽ ڪامياب ناهي ٿيو، هي پهريون گرين فيلڊ ا??ئرپورٽ آهي جيڪو ڪاميابي سان اڳتي وڌي رهيو آهي ۽ ان ۾ بين الاقوامي ٽرمينل شا??ل ڪيو ويو آهي جيڪو نه رڳو ان علائقي پر پاڪستا?? جي لاءِ سنگ ميل جي حيثيت رکي ٿو.
مضمون کا ماخذ : لاٹری کی موبائل ایپ