اسلام آباد – 19 سيپٽمبر (اي پي پي) بي آءِ ايس پي جي چيئرپرسن مملڪتي وزير ماروي ميمڻ سيوهڻ شريف ۾ جهان??ار?? باجارا جو دورو ڪيو جتي هن هڪ نوجوان ڇوڪريءَ مقتولا تانيا خاصخيلي جي گهرڀاتين سان تع??يت ڪئي جنهن کي علائقي جي بدمعاش شادي کان انڪار ڪرڻ تي قتل ڪيو هو. هن وزيراعظم جي هدا??تن تي وفاقي حڪومت پاران گهرڀاتين سان تع??يت ڪئي ۽ حڪومت پاران گهرڀاتين کي مڪمل حمايت جي خاطري ڪرائي. هن چيو ته معصوم عورتن جو قتل برداشت جوڳو نه آهي ۽ سنڌ حڪومت کي قانون ذريعي اهڙن قاتلن کي سزا ڏياري هڪ مثال قائم ڪرڻ گهرجي ته جيئن مستقبل ۾ ڪو اهڙي قسم جو ڏوهه ورجائڻ جي همت نه ڪري سگهي.
مضمون کا ماخذ : آن لائن اور ایپلیکیشنز