اسلام آباد – 19 سيپٽمبر (اي پي پي) صدر ممنون حسين چيو آهي ته ڀارت والاريل ڪشمير ۾ ظلم جا پهاڙ ڪيرائي ڇڏيا آهن جنهن جي نتيجي ۾ گذريل ڪجهه مهينن دوران 100 کان وڌيڪ ماڻهو شهيد ٿيا آهن ۽ ڪيترين ئي ع??رتن جي بي حرمي ڪئي وئي آهي. صدر اٽلي جي دفاع واري وزير سين روبرٽا پينوتي جي سربراهي ۾ وفد سان ايوان صدر ۾ ملاقات دوران ڳالهه ٻولهه ڪن??ي چيو ته عالمي برادري ڀارت تي زور ڏي ته هو بيگناهه ڪشميرين تي تشدد جون ڪارروايون فوري طور تي بند ڪري ۽ خطي ۾ امن جي لاءِ ڪشمير جي مسئلي کي گڏيل قومن جي قراردادن موجب حل ڪيو وڃي. صدر پنهنجي خدشن جو ا??ها?? ڪن??ي چيو ته والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي فوج انساني حقن جي کليل ??لاف ورزي ۽ بيگناهه ڪشميرين تي ظلم ڪري رهي آهي.
مضمون کا ماخذ : ایشیا ڈریگن