اسلام آباد – پهرين آگسٽ (اي پي پي) وز??راعظم محمد نواز شريف چيو آهي ته وفاقي حڪومت صوبائي ??ڪومتن کي وفاقي ايجنسين جي ذريعي موثر رابطن ۽ ڳجهي معلومات جي مٽاسٽا سان دهشتگردي کي روڪڻ جي باري ۾ سهولت فراهم ڪندي. هن اها ڳالهه داخلي سلامتي جي صورتحال ۽ نيشنل ايڪشن پلان تي عملدرآمد جي حوالي سان وز??راعظم هائوس ۾ منعقد اجلاس جي صد??رت ڪندي چئي. اجلاس ۾ ملڪ جي داخلي سلامتي جي صورتحال ۽ نيشنل ايڪشن پلان جي مختلف رخن جي باري ۾ تفصيلي غور ڪيو ويو، جنهن ۾ ناڻي واري وز??ر اسحاق ڊار، گهرو وز??ر چوڌري نثار علي خان، قومي سلامتي واري صل??حڪ??ر ليفٽيننٽ جنرل (ر) ناصر خان جنجوعه، ڊي جي آءِ ايس آءِ ليفٽيننٽ جنرل رضوان اختر ۽ ڊي جي انٽيلي جنس بيورو آفتاب سلطان شرڪت ڪئي.
مضمون کا ماخذ : نقدی پھٹنا