گڏيل قومون-05 ڊسمبر (اي پي پي) پاڪستان گڏيل قومن ۾ غزه ۾ انسانيت کي لڄائيندڙ صورتحال کي اجاگر ڪندي غزه ۾ اسرا??يل جي نسل ڪشي جي جنگ کي فوري طور ختم ۽ فلسطينين جي تڪليفن کي گهٽ ڪرڻ ل??ءِ قدمن جي ضرورت تي زور ڀريو آهي. گڏيل قومن ۾ پاڪستان جي مستقل نمائندي منير اڪرم جنرل ا??يمبلي ۾ فلسطين جي صورتحال تي ٻيهر شروع ٿيل خاص اجلاس ۾ گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قرارداد کي آمريڪا طرفان ويٽو ڪرڻ تي پاڪستان طرفان مايوسيءَ جو اظهار ڪيو ۽ اها قرارداد سلامتي ڪائونسل جي 10 چونڊ ميمبرن اسپانسر ڪئي، جنهن ۾ غزه ۾ فوري جنگبنديءَ جو مطالبو ڪيو ويو. هن چيو ته اهڙو ڪوبه دليل نا??ي جيڪو بيوس لاچار فلسطينين جي قتلِ عام کي روڪڻ ل??ءِ ڪيل فيصلن کي روڪڻ جو جواز فراهم ڪري سگهي. پاڪستاني نمائندي چيو ته جنرل ا??يمبليء?? کي هاڻ چارٽر موجب غزه ۾ فوري ۽ غير مشروط جنگبنديءَ جو مطالبو ڪرڻ ۽ سلامتي ڪائونسل ۽ جنرل ا??يمبليءَ طرفان ان تڪرار تي منظور ڪيل ڪيترن ئي قراردادن تي عملدرآمد جو مطالبو ڪرڻ سان گڏوگڏ عالمي انصاف واري عدالت سان ڪيل فيصلي تي عملدرآمد ل??ءِ پنهنجي ذميداري کي پورو ڪرڻ گهرجي. ٻين نمائندن به غزه پٽي جي صورتحال ۾ ويٽو جي استعمال جي مخالفت ڪئي ۽ خطي ۾ واقعن کي غير سياسي ڪرڻ تي زور ڀريو.
گڏيل قومن ۾ پاڪستاني نمائندي پاران غزه ۾ اسرائيلي اڳرائي بند ڪرائڻ، فلسطينين جي تڪليفن کي گهٽائڻ جو مطالبو
مضمون کا ماخذ : لاٹری ٹکٹ خریدیں