برسلز/واشنگٽن – 08 آگسٽ (اي پي پي) يورپي يونين، فرانس ۽ برطانيا اسرائيلي ناڻي و??ري وزير بيزاليل سوٽرچ ج?? ان بيان جي مذمت ۽ آمريڪا حيرت جو اظهار ڪيو آهي جنهن ۾ هن چيو هو ??ه غزه جي 20 لک آبادي کي بک سان مارڻ جائز ۽ اخلاقي طور درست هوندو.. اسرائيل جي ناڻي و??ري وزير جي بيان کانپوءِ عالمي برادر?? ان تي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو آهي. يورپي يونين چيو ته شهرين کي بکيو رکڻ جنگي ڏوهه آهي. يورپي يونين ج??ري بيان ۾ چيو ته ان سان هڪ ڀيرو ٻيهر اسرائيلي وزير جي عالمي ۽ بنياد?? انساني اصولن لاءِ نفرت جو واضح اظهار ٿئي ٿو. فرانس پڻ اسرائيل جي ناڻي و??ري وزير جي بيان تي تنقيد ڪندي افسوس جو اظهار ڪيو آهي. فرانس چيو ته غزه جي ماڻهن ک?? انساني امداد پهچائڻ عالم?? انساني قانون تحت اسرائيل جي ذميو??ري آهي ڇو جو اسرائيل وٽ ئي سموري علائقي جو ڪنٽرول آهي. برطانوي پرڏيهي وزير ڊيوڊ ل??مي سوشل ميڊيا پليٽ فارم ايڪس تي چيو ته اسرائيلي وزير جي بيان جو ڪو جواز ناهي. هن اسرائيلي حڪومت کان مطالبو ڪيو ته هو ??هو ??يان واپس وٺي ۽ ان جي مذمت پڻ ڪري. آمريڪا اسرائيل جي ناڻي و??ري وزير ج?? ان بيان تي حيرت جو اظهار ڪيو آهي جنهن ۾ هن چيو ته غزه جي ماڻهن کي بکيو رکڻ جائز قرار ڏئي سگهجي ٿو. آمريڪ?? انتظاميا گذريل ڏينهن اسرائيلي وزير جي هلندڙ هفتي جي تبصرن جي عالمي مذمت ڪئي آهي جنهن ۾ چيو ويو هو ??ه اسرائيلي يرغمالين جي آزادي لاءِ غزه جي پوري آبادي کي بک ذريعي مرڻ جو جواز پيش ڪري سگهجي ٿو.
يورپي يونين، فرانس ۽ برطانيا طرفان اسرائيلي وزير جي فلسطينين کي بک ذريعي مارڻ جي بيان جي مذمت، آمريڪا طرفان حيرت جو اظهار
مضمون کا ماخذ : سکاراب ملکہ