مدينه منوره -20 نومبر (اي پي پي) مديني پاڪ جي گورنر شهزاده فيصل بن سلمان 35 نون اسڪولن جو افتتاح ڪري ڇڏيو آهي. سعودي خابرو اداري مطابق مديني پاڪ جي گورنر 50 ڪروڙ ريالن جي لاڳت سان تيار ٿيل 35 نون اسڪولن جو افتتاح ڪيو. ان موقعي تي تعليم وارو وزير يوسف البنيان به موجود هو. تعليم واري وزير تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته تعليم واري وزارت مدينه منوره جي اسڪولن کي ڪرائي جي عم??رت?? کان آزاد سلوگن تحت مديني ريجن ۾ سرڪاري اسڪول تعمير ڪرائي رهي آهي. نوان اسڪول خانگي شعبي جي شراڪت سان تعمير ڪيا ويا آهن. جنهن تحت هلندڙ سال جي وچ تائين رينٽ جي عم??رت?? وارن اسڪولن جو انگ 8 سيڪڙو تائين گهٽجي ويندو. 2024?? تائين مديني پاڪ جي شهر ۾ رينٽ جي عم??رت?? وارو ڪو به اسڪول نه رهندو. 2025ع کان 2027ع ??ي آخر تائين مديني پاڪ جي ٻين ڀرپاسي وارن علائقن ۾ به رينٽ جي عم??رت?? ۾ قائم اسڪولن مان ڇوٽڪارو ملي ويندو.
مديني جي گورنر 35 نون اسڪولن جو افتتاح ڪري ڇڏيو
مضمون کا ماخذ : پیش گوئی اور حکمت عملی