ميڪسيڪو سٽي -01 نومبر (اي پي پي) لاطيني آمريڪا جي ملڪ بوليويا غزه ۾ اسرا??يل جي فوج طرفان جنگي ڏوهن جو مرتڪب ٿيڻ ۽ انساني حقن جي ڀڃڪڙين خلاف احتجاج ڪندي اسرا??يل سان سفارتي ناتا ختم ڪر?? ڇڏيا آهن. الجزيره جي رپورٽ مطابق بوليويا بعد لاطيني آمريڪا جي وڌيڪ ملڪن اسرا??يل خلاف اهڙيون ئي ڪارروائيون ڪر?? سگهن ٿا. بوليويا جي صدر لوئس آرس جي انتظاميه هڪ بيان ۾ چيو آهي ته اسان غزه پٽي تي حملا بند ڪرڻ جو مطالبو ڪيون ٿا جنهن ۾ هاڻي تائين هزارين شهرين جون حياتيون ضايع ٿي چڪيون آهن ۽ لکين فلسطينين کي زبردستي بي گهر ڪيو ويو آهي. واضح رهي ته ان اڳ غزه ۾ ب?? اسرا??يل جي فوج جي ڪارروائي بعد بوليويا اسرا??يل سان سفارتي ناتا ختم ڪيا هئا جيڪي 10 سالن بعد 2019ع ۾ بحال ٿيا.
مضمون کا ماخذ : Raging Rhino