اسلام آباد-31 آڪٽوبر (اي پي پي) قانون، انصاف ۽ انساني حقن بابت وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ سان پاڪستان ۾ يو اين وومن ۽ انٽرا ايجنسي جينڊر اينڊ ڊولپمينٽ گروپ (آءِ اين جي اي ڊي) جي نمائندن ملاقات ڪئي. ملاقات جو مقصد پاڪستان ۾ صنفي مساوات ۽ عو??تن جي حقن کي هٿي ڏيڻ لاءِ قومي عزم کي وڌيڪ تقويت ڏيڻ آهي. ملاقات ۾ يو اين وومن جي ماريا هولٽسبرگ، ڪامن ويلٿ اينڊ ڊولپمينٽ آفيس جي اينڊريو بوڊن ۽ يورپي يونين جي جيرون وليمز کان علاوه عالمي نمائندا پڻ شريڪ هئا. انهن نمائندن وفاقي وزير کي عالمي تجربن کان آگاهه ڪيو ۽ پاڪستان ۾ مضبوط صنفي بنياد تي ڍانچي ۽ آگاهي پروگرامن جي جوڙجڪ ۾ بين الشعبن ۾ سهڪار جي اهميت کي اجاگر ڪيو. ان اعليٰ سطحي م??ال??ي ۾ پاڪستان ۾ عو??تن سان پيش ايندڙ مسئلن ۽ رڪاوٽن جي خاتمي لاءِ مربوط حڪمت عملين ۽ هدف وارن قدمن تي زور ڀريو. ??ال??ه انساني حقن و??ري وزارت مان جاري پريس رليز موجب وفاقي وزير ان موقعي تي پاڪستان حڪومت طرفان عو??تن جي حقن کي هٿي ڏيڻ جي لڳاتار قدمن تي روشني وڌي جنهن ۾ آفيسن ۾ عو??تن کي هراسان ڪرڻ خلاف تحفظ جو قانون ۽ عو??تن جي ملڪيتن جي حقن کي لاڳو ڪرڻ جهڙا اهم قانون شامل آهن. انهن ڪوششن جو مقصد پاڪستان جي عالمي معاهدن جهڙوڪ عو??تن خلاف هر قسم جي اڻبرابري جي سلوڪ جي خاتمي جي ڪنوينشن (سي اي ڊي اي ڊبليو) تحت ڪيل واعدن کي پورو ڪرڻ آهي جنهن سان عو??تن لاءِ برابر موقعن ۽ تحفظ کي يقيني بڻائي سگهجي. وفاقي وزير وڌيڪ چيو ته جامع ۽ شراڪتي طريقن جي اهميت کي تسليم ڪندي انساني حقن و??ري وزارت مقامي ۽ عالمي ڀائيوارن سان گڏجي صنفي بنياد تي تشدد جي خاتمي ۾ مردن ۽ ڇوڪرن کي اتحادي طور تي شامل ڪري رهي آهي. صنفي بنياد تي تشدد جي خاتمي ۾ مردن جي شموليت لاءِ قومي حڪمت عملي، جيڪا يو اين ايف پي اي ۽ پاڪستان جي اين جي او، روزن جي سهڪار سان تيار ڪئي وئي آهي، جنهن جو مقصد معاشرتي تبديلي کي هٿي ڏيڻ آهي، جنهن تحت نقصانڪار صنفي تصورن کي چئلينج ڪيو وڃي ۽ تشدد خلاف مردن جي ذميواريءَ کي هٿي ڏني وڃي. ان کان علاوه عو??تن کي وڌيڪ بااختيار بڻائڻ لاءِ قومي ترقي ۾ سندن ڪردار کي مستحڪم ڪرڻ ۽ هڪ وڌيڪ جامع معاشري جي جوڙجڪ ضروري آهي.
سينيٽر اعظم نذير تارڙ سان يو اين وومن ۽ انٽرا ايجنسي جينڊر اينڊ ڊولپمينٽ گروپ جي نمائندن جي ملاقات
مضمون کا ماخذ : میگا ملینز