اسلام آباد – 23 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف انقره ۾ دهشتگرد حملي ت?? گهري ڏک ۽ صدر رجب طيب اردوان ۽ ترڪيه جي عوام سان تعزيت جو اظهار ڪي?? آهي. سوشل ميڊيا پليٽ فارم ايڪس تي پنهنجي پوسٽ ۾ هن چيو ته آئون دهشتگردي جي ان ڪڌي ڪارروائي جي شديد مذمت ڪريان ٿو. هن ترڪيه جي صدر رجب طيب اردوان ۽ ترڪيه جي عوام سان تعزيت جو اظهار ڪي??. وزيراعظم چيو ته اسان ترڪيه جي پنهنجي ڀائرن ۽ ڀينرن سان يڪجهتي جو اظهار ڪريون ٿا. وزيراعظم متاثر خاندانن سان همدرديءَ جو اظهار ڪي?? ۽ دهشتگرد ??مل?? ۾ زخمي ٿيندڙن جي جل?? صحتيابي جي دعا ڪئي.
مضمون کا ماخذ : مڈاس گولڈ