اسلام آباد -24 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف اي پروڪيورمينٽ منصوبي کي هڪ مهيني ۾ مڪمل ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي، ته پروڪيورمينٽ جي عمل جي حوالي سان شڪايتن ۽ خدشن جي حل جي نظام کي موثر بڻائڻ لاءِ ٿرڊ پارٽي ويليڊيشن ڪرائي وڃي، وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ مان جاري پريس رليز موجب وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ اليڪٽرانڪ پروڪيورمينٽ، اي- پاڪ ايڪيوزيشن اينڊ ڊسپوزل سسٽم جي حوالي سان اجلاس منعقد ٿيو. ان موقعي تي وزيراعظم چيو ته حڪومت سمورن خريدارن جي حوالي سان شفاف طريقو لاڳو ڪرڻ لاءِ ڀرپور قد?? کڻي رهي آهي. وزيراعظم پروڪيورمينٽ جي عمل جي حوالي سان شڪايتن ۽ خدشن جي حل جي نظام کي موثر بنائڻ لاءِ ان جي ٿرڊ پارٽي ويليڊيشن جي هدايت ڪندي چيو ته پروڪيورمينٽ جي عمل جي حوالي سان شڪايتن ۽ خدشن جي حل جي نظام کي پروڪيورنگ ايجنسي جي ماتحت نه ??ئڻ گهرجي، ان حوالي سان قاعدن ۽ ضابطن ۾ ترميم لاءِ قد?? کڻڻ گهرجن. وزيراعظم 2 بلين روپين کان وڌيڪ جي سمورن ترقياتي منصوبن کي ٿرڊ پارٽي ويليڊيشن ڪرائڻجي هدايت ڪئي. وزيراعظم کي اي-پروڪيورمينٽ تي بريفنگ ڏني وئي. وزيراعظم منصوبي تي عملدرآمد ۾ سستي تي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو. وزيراعظم ڪم جي معيار ۽ ان پراسس جي مڪمل نه ??ئڻ تي به ناراضگي جو اظهار ڪندي هڪ مهيني ۾ منصوبي کي مڪمل ڪرڻ جي هدايت ڪئي. وزيراعظم کي بريفنگ دوران ٻڌايو ويو ته اي پروڪيورمينٽ جو منصوبو پبلڪ پروڪيورمينٽ ريگيوليٽري ورلڊ بيئنڪ جي فنڊنگ سان 2017ع ۾ شروع ڪيو، اي پروڪيورمينٽ جي منصوبي جي مڪمل لاڳت 45 ملين آمريڪي ڊالرز آهي. ??فا??ي حڪومت جي 37 وزارتن ۽ 301 پروڪيورنگ ايجنسين ۾ اي پروڪيورمينٽ لاڳو ٿي چڪو آهي. بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته پي پي آر اي طرفان پروڪيورنگ ايجنسين جي 8988 آفيشلز کي اي پروڪيورمينٽ جي تربيت ڏني وئي آهي، ??فا??ي حڪومت جو اي پروڪيورمينٽ جي حوالي سان ڳاڻيٽو تقريبن 1551 بلين روپيا آهي، اي پروڪيورمينٽ جي حوالي سان پنجاب، سنڌ، خيبر پختونخوا ۽ آزاد ڄمن ڪشمير جي حڪومتن سان مفاهمتي يادداشتن تي صحيحيون ٿي چڪيون آهن. اجلاس ۾ ??فا??ي وزير احد خان چيمه، ناڻي واري وزير محمد اورنگزيب، پيٽروليم واري وزير مصدق ملڪ، وزيراعظم جي ڪو آرڊينيٽر رانا احسان افضل ۽ ل??ڳاپ??ل آفيسرن شرڪت ڪئي.
اي پروڪيورمينٽ منصوبي کي هڪ مهيني اندر مڪمل ڪيو وڃي، پروڪيورمينٽ عمل جي حوالي سان شڪايتن ۽ خدشن جي حل جي نظام کي موثر بڻائڻ لاءِ ٿرڊ پارٽي ويليڊيشن ڪرائي وڃي: شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : لاٹری کھیلنے کا طریقہ