اسلام آباد – 15 – آگسٽ (اي پي پي) صدر آصف علي زردا??ي ڊائريڪٽر جنرل ايف آءِ ??ي احمد اسحاق جهانگير جي لاءِ سول ايوارڊ جي منظوري ڏئي ڇڏي. ڊائريڪٽر جنرل احمد اسحاق جهانگير کي اڻٿڪ خدمتن تي ??تا??ه امتياز سان نوازيو ويندو. ايف آءِ اي پاران جاري ڪيل اطلاع موجب احمد اسحاق جهانگير بطور ڊائريڪٽر جنرل ايف آءِ ??ي انساني اسمگلنگ، دهشتگردي، مني لانڊرنگ ۽ آن لائين جنسي هراسمينٽ جهڙن سنگين ڏوهن جي روڪٿام ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو، ٻارن جي جنسي استحصال جي روڪٿام جي لاءِ موثر حڪمت عملي اختيار ڪندي سڄي ملڪ ۾ خصوصي سيل ٺاهيا ويا ۽ هن سائبر چئلينجز کي منهن ڏيڻ جي لاءِ عالمي ادارن سان مضبوط رابطو قائم ڪرڻ جي لاءِ اهم ڪردار ادا ڪيو. احمد اسحاق جهانگير 1992ع ۾ پاڪستان پوليس سروس ۾ شموليت اختيار ڪئي، سندس تعلق 20 هين ڪامن سان آهي، هن پاڪستان ۾ سائبر ڪرائيم جي روڪٿام ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي ڪ??رڪ??دگي ۾ نمايان بهتري آڻڻ جي لاءِ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي. بطور ايڊيشنل ڊي جي سائبر ڪرائيم ونگ احمد اسحاق جهانگير جي قيادت ۾ ايف آءِ اي سائبر ڪرائيم جي خلاف موثر حڪمت عملي تيار ڪئي ۽ وقت سر قدم کنيا، توهان جي ڪوششن سان سائبر ڪرائيم ۾ ملوث عنصرن جي خلاف نمايان ڪاميابيون حاصل ٿيون ۽ ڪيتريون ئي گرفتاريون عمل ۾ آيون، توهان جي قيادت ۾ ايف آءِ ??ي انساني اسمگلنگ ۽ سوشل ميڊيا تي جعلي، اعتراض جوڳي، ??فر?? آميز مواد جي خلاف سخت قدم کنيا. احمد اسحاق جهانگير عالمي سطح تي ايجنسي جي ڪ??رڪ??دگي ۾ اضافو ڪيو ۽ عالمي ادارن سان تعاون کي فروغ ڏنو. ان کانسواءِ توهان جي خدمتن ۾ پوليس جي روايتي طريقن کي جديد طريقيڪار ۾ بدلائڻ به شامل آهي، توهان پوليس رولز 2017 – 2018ع جو مسودو تيار ڪيو، جنهن سان پوليس جي ڪم ڪرڻ جي طريقن ۾ بهتري آئي. احمد اسحاق جهانگير کي شاندار ڪ??رڪ??دگي جي ڪري 1995ع ۾ صدر جي پوليس ميڊل سان پڻ نوازيو ويو. ڊي جي ايف آءِ ??ي احمد اسحاق جهانگير کي سول ايوارڊ 23 مارچ 2025ع جي تقريب ۾ ڏنو ويندو.
صدر آصف علي زرداري ڊائريڪٽر جنرل ايف آءِ اي احمد اسحاق جهانگير جي لاءِ سول ايوارڊ جي منظوري ڏئي ڇڏي
مضمون کا ماخذ : لکی لیپریچون