اسلام آباد-07 آگسٽ (اي پي پي) ناڻي واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب چيو آهي ته پاڪستان بهتر معاشي ڪار??رد??ي جو مظاهرو ڪري رهيو آهي، ٽيڪس اوڳاڙين ۽ مٽاسٽا ناڻي جي ذخيرن ۾ اضافو ٿيو آهي، عالمي ريٽنگ ايجنسين طرفان پاڪستان جي ڪريڊٽ ريٽنگ ۾ بهتري سان ملڪ جي مجموعي اقتصادي استح??ام جي عڪاسي ٿي رهي ??هي. هن اها ڳالهه پاڪستان ۾ فن لينڊ جي سفير هانو ري پاٿي سان ملاقات ۾ ڳالهائيندي چئي. ناڻي واري وزير فن لينڊ جي سفير کي ملڪ جي مجموعي معاشي صورتحال ۽ معاشي استح??ام لاءِ کنيل قدمن بابت بريفنگ ڏني. هن چيو ته پاڪستان عالمي مالياتي فنڊ سان 9 مهينن جو پروگرام مڪمل ڪري چڪو آهي جڏهن ته تازو ئي 37 مهينن تي ٻڌل پروگرام لاءِ آءِ ايم ايف سان اسٽاف ليول معاهدو به ٿي چڪو ??هي. هن فن لينڊ جي سفير کي ايف بي آر جي ڊجيٽلائيزيشن، توانائي جي شعبي ۾ سڌارن، سرڪاري ملڪيتي ادارن جي نئين سر جوڙجڪ ۽ روانگي واپار تي ٻڌل اوسر لاءِ حڪومتي قدمن کان به آگاهه ڪيو.ناڻي واري وزير چيو ته ا??هن قدمن جو بنيادي مقصد روانگي واپار تي ٻڌل پائيدار اوسر کي حاصل ڪرڻ ??هي. فن لينڊ جي سفير پاڪستان ۾ اقتصادي سڌارن کي ساراهيو. هن چيو ته پاڪستان ۾ فن لينڊ جي ڪمپنين جي مالي حالت بهتر ٿي ??هي. ناڻي واري وزير جي ايس پي پلس ??ي تجديد ۾ مدد تي فن لينڊ جو ٿورو مڃيو ۽ چيو ته ان سهولت سبب ملڪ جي روانگي واپار واري شعبي کي فائدو ٿي رهيو ??هي. ملاقات جي پڄاڻي تي ڌرين پاڪستان ۽ فن لينڊ وچ ۾ ٻطرفن لاڳاپن کي هٿي ڏيڻ تي اتفاق ڪيو ۽ اقتصادي استح??ام ۽ اوسر لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو.
پاڪستان بهتر معاشي ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪري رهيو آهي: سينيٽر محمد اورنگزيب
مضمون کا ماخذ : estratégias para lotomania