اسلام آباد – 03 – نومبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي ماحولياتي تبديلين جي منفي اثرن بابت آگاهي پيدا ڪرڻ جي ??رورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته ماحولياتي تبديليون زمين جي لاءِ وڏو خطرو آهي، اسان کي معاشري جي ??مورن طبقن کي ماحولياتي تبديلين جي ??ثرن بابت آگاهي ڏيڻي پوندي، پي ٽي وي ۾ ڪلائميٽ چينج ڊيسڪ قائم ڪرڻ ان ڏس ۾ پهريون قدم آهي، ايندڙ چونڊون فيبروري 2024ع ۾ ٿينديون، پاڪستان جي ??ئين ۾ لکيل آهي ته هي ملڪ ان جا چونڊيل نمائندا هلائيندا، اسان سمورن رجسٽرڊ سياسي پارٽين کي هڪ جهڙا موقعا فراهم ڪنداسين. اهڙن خيالن جو اظهار هن پاڪستان ٽيليويزن ۾ ڪلائميٽ چينج ڊيسڪ جي ??فتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. ان موقعي تي اطلاعات وارو وفاقي سيڪريٽري ظهور احمد، موسمياتي تبديلي وارو وفاقي سيڪريٽري سيد آصف حيدر، پي ٽي وي جو ڊائريڪٽر ڪرنٽ افيئرز عون ساهي ۽ ٻيا پڻ موجود هئا. اطلاعات واري نگران وفاقي وزير چيو ته موسمياتي تبديلي کان آگاهي پيدا ڪرڻ جي لاءِ اڄ پهريون قدم کنيو ويو آهي جنهن تي پي ٽي وي انتظاميا مبارڪباد جي مستحق آهي. هن چيو ته پي ٽي وي انتظاميا مختصر وقت ۾ ڪلائميٽ چينج ڊيسڪ قائم ڪري ان کي علائقائي اسٽيشنن سان ڳنڍيو ۽ ان ڊيسڪ تي قابل رپورٽرز کي مقرر ڪيو جيڪي عوام کي موسمياتي تبديلين جي ??طرن ۽ چئلينجن بابت آگاهي فراهم ڪرڻ طرف هڪ اهم قدم آهي. اطلاعات واري نگران وفاقي وزير نجي ميڊيا تي زور ڏنو ته اها موسمياتي تبديلي جي مسئلن جي ڪوريج لاءِ ان طرز جي ماڊل کي اختيار ڪن. هن چيو ته سرڪاري ميڊيا به نجي ميڊيا سان گڏجي ماحولياتي تبديلي جي منفي اثرن بابت آگاهي پيدا ڪري. هن موسمياتي تبديلي واري وزارت ۽ اطلاعات واري وزارت جي وچ ۾ ماحولياتي تبديلي جي چئلينجن بابت آگاهي فراهم ڪرڻ جي لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ جي ??رورت تي زور ڏنو. هن چيو ته انفارميشن سروس اڪيڊمي ان موضوع ۽ محقيقن کي تربيت فراهم ڪرڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪري سگهي ٿي. مرتضيٰ سولنگي چيو ته ڪلائميٽ چينج ڊيسڪ سان واڳيل رپورٽرز موسمياتي تبديلين کان متاثر علائقن جي مقامي ماڻهن سان ملن ۽ انهن کي موسمياتي تبديلين جي ??طرن بابت آگاهي فراهم ڪن. ان ڏس ۾ والدين، استادن ۽ مختلف شعبن جي ماهرن سميت سوشل ميڊيا ۽ ٻين ڊيجيٽل ميڊيا پلي?? فارمز کي متحرڪ ڪرڻ جي ??رورت آهي. اسان کي معاشري جي ??مورن طبقن کي موسمياتي تبديلي جي ??ثرن ۽ چئلينجن کان آگاهه ڪرڻو پوندو. هن چيو ته پي ٽي وي ۾ ڪلائميٽ چينج ڊيسڪ صحيح رخ ۾ هڪ بهترين قدم آهي. پي ٽي وي کي موسمياتي تبديلي جي ??باهي آڻيندڙ اثرن بابت خصوصي پروگرام ۽ دستاويزي فلمون تيار ڪرڻ گهرجن. اطلاعات واري نگران وفاقي وزير چيو ته ايندڙ سال فيبروري ۾ عام چونڊون ٿيڻيون آهن ۽ ان جي لاءِ اسان جي پاليسي واضح هجڻ گهرجي، چونڊن جي ڊوڙ ۾ اسان جو ڪير پسنديده نه آهي، پاڪستان جي ??ئين ۾ لکيل آهي ته هن ملڪ کي ان جا چونڊيل نمائندا هلائيندا، اسان سمورين رجسٽرڊ سياسي پارٽين کي هڪ جهڙا موقعا فراهم ڪنداسين ۽ ان ڳالهه جي ??ڪاسي اطلاعات واري وزارت جي ??مورن ادارن بشمول پي ٽي وي جي پروگرامن، خبرن ۽ پاليسي ۾ پڻ هجڻ گهرجي. هن چيو ته ماحولياتي تبديلي جي ??والي سان رڳو رپورٽنگ ۽ ڊيسڪ ڪافي نه آهي پر ان ڪم تي مقرر ماڻهن جي مستقل تربيت ضروري آهي. هن چيو ته ماحولياتي تبديلي پوري زمين ۽ ايندڙ نسلن جي مستقبل جو مسئلو آهي، پي ٽي وي ان ڏس ۾ خصوصي پروگرام پيش ڪري ۽ نيوز بليٽن جي ??ندر ماحولياتي تبديلي بابت خبر يا ماڊيول ضرور شامل ٿيڻ گهرجي. ان موقعي تي اطلاعات واري وفاقي سيڪريٽري ظهور احمد چيو ته ڪلائميٽ چينج ۽ ڊيزاسٽر رپورٽنگ اسپيشلائيزڊ فيلڊز آهن، موسمياتي تبديلي واري وزارت ۽ ٻين حصيدارن سان گڏجي پي ٽي وي ڪلائميٽ چينج ڊيسڪ تي مقرر عملي کي تربيت پڻ فراهم ڪندا. هن چيو ته ڪلائميٽ چينج رپورٽنگ روزاني جي ??نياد تي هڪ سرگرمي آهي ۽ اها آفتن کي منهن ڏيڻ جي ??ياري لاءِ انتهائي اهميت رکندڙ آهي. هن چيو ته قدرتي آفتن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ تياري جي کوٽ ۽ وقت کان اڳ وارننگ جي ڪمزور نظام جي ڪري پاڪستان ۾ قدرتي آفتن سان ٿيندڙ نقصان انهن ملڪن کان ڪيترائي ڀيرا وڌيڪ آهي جيڪي قدرتي آفتن کي منهن ڏيڻ جي ??ڳ کان تياري ڪن ٿا. هن چيو ته پي ٽي وي پنهنجي نيوز سسٽم ۾ موسمياتي تبديلي بابت خبرن کي ترجيح ڏيندي. تقريب کي موسمياتي تبديلي واري وفاقي سيڪريٽري سيد آصف حيدر خطاب ڪندي چيو ته موسمياتي تبديلي هڪ اهڙي حقيقت آهي جنهن کان انڪار نٿو ڪري سگهجي، ميڊيا جو ڪردار ان ڏس ۾ انتهائي اهميت رکندڙ آهي. اهو چئلينج تمام تيزي سان اڳتي ڌي رهيو آهي، ان ۾ آگاهي تمام ضروري آهي. هن پي ٽي وي ۾ ڪلائميٽ چينج ڊيسڪ قائم ڪرڻ کي ساراهيو. ان کان اڳ اطلاعات واري وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي پي ٽي وي ۾ ڪلائميٽ چينج ڊيسڪ جو افتتاح ڪيو. ڪلائميٽ چينج ڊيسڪ موسمياتي تبديلي جي ??والي سان عوام کي هر لمحي جي ??گاهي فراهم ڪندو.
ماحولياتي تبديليون زمين جي لاءِ وڏو خطرو آهي، چونڊون فيبروري 2024ع ۾ ٿينديون، پاڪستان جي آئين ۾ لکيل آهي ته هي ملڪ ان جا چونڊيل نمائندا هلائيندا، اسان سمورن رجسٽرڊ سياسي پارٽين کي هڪ جهڙا موقعا فراهم ڪنداسين: مرتضيٰ سولنگي
مضمون کا ماخذ : امکان ہے کہ میگا سینا