اسلام آباد – 24 – نومبر (اي پي پي) اطلاعات، نشريات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي چيو آهي ته صحت جي لاءِ هاڃيڪار پاڻي ۽ شيون تيار ڪندڙن جي خلاف ڪارروائي ڪئي وئي آهي، انساني زندگيون خطري ۾ وجهندڙن جي لاءِ 50 هزار رپيا ڏنڊ ۽ هڪ سال جي سزا گه?? آهي. سينيٽ ۾ سوالن جوابن جي وقفي دوران سينيٽر مشتاق احمد ۽ سينيٽر نزهت صا??ق جي سوالن جي جواب ۾ مرتضيٰ سولنگي چيو ته هڪ سرڪاري اداري کي ڪرپشن جو ڳڙهه چوڻ افسوس جوڳو آهي، قائداعظم محمد علي جناح جي 11 آگسٽ 1947ع جي پهرين تقرير کان وٺي هيستائين اسان جي تقريرن ۾ ڪرپشن جو معاملو ضرور شامل رهيو آهي، جيڪڏهن سينيٽر وٽ ان اداري بابت ڪرپشن جي حوالي سان ثبوت آهن ته ضرور آگاهه ڪري، لاڳاپيل اد??رن کان جاچ ڪرائينداسين. نگران وفاقي وزير چيو ته پي سي آر ڊبليو آر پنهنجي ٽه ماهي رپورٽ اپريل کان جون 2022ع ۾ پاڻي جي 20 برانڊز کي صحت جي لاءِ هاڃيڪار قرار ڏنو هو، انهن مان ٻه برانڊز اهڙا آهن جيڪي پي ايس ڪيو سي اي تحت رجسٽرڊ هئا، لائيسنس يافته انهن ٻن برانڊز جي خلاف ايڪشن ورتو ويو ۽ انهن جي پروڊڪشن بند ڪئي وئي، جيستائين انهن برانڊز جون پراڊڪٽس معيار تي پوريون نه لٿيون تيستائين انهن کي نه کوليو ويو، باقي 18 برانڊ رجسٽرڊ نه هيون. هن چيو ته ڪيترائي اهڙا گروهه اهڙي طرح جي صحت جي لاءِ هاڃيڪار شيون تيار ڪن ٿا، انهن جي خلاف ايڪشن ورتو ويو، پي ايس ڪيو سي اي جي قانون موجب غيرلائيسنس يافته ماڻهن کي 50 هزار رپيا ڏنڊ ۽ هڪ سال جي سزا عدليه جي ذريعي ڏني وڃي ٿي، جن ماڻهن کي گرفتار ڪيو ويو، انهن کي سزا ڏني وئي. هن چيو ته 50 هزار رپين جو ڏنڊ ۽ هڪ سال جي سزا تمام گه?? آهي، اهي ماڻهو انساني زندگي کي خطري ۾ وجهي رهيا آهن. نگران وفاقي وزير چيو ته اهو سوال عو??مي اهميت جو آهي، صحت جي لاءِ هاڃيڪار پاڻي جي حوالي سان سينيٽر مشتاق ۽ سينيٽر نزهت صا??ق جا سوال ڪميٽي ڏانهن موڪليا وڃ??، نه رڳو ان قانون جو جائزو ورتو وڃي ته ڇا اها سزا مناسب آهي. بعد ۾ سينيٽ چيئرمين محمد صا??ق سنجراڻي معاملو ڪميٽي ڏانهن موڪلي ڇڏيو.
انساني زندگيون خطري ۾ وجهندڙن جي لاءِ 50 هزار رپيا ڏنڊ ۽ هڪ سال جي سزا گهٽ آهي: مرتضيٰ سولنگي
مضمون کا ماخذ : نتیجہ ڈوپلا سینا