اسلام آباد – 05 – آڪٽوبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ڇاتيءَ جي ڪينسر بابت آگاهي پيدا ڪرڻ ج?? لاءِ نجي ۽ سرڪاري شعبي جي گڏيل ڪوششن تي زور ڏيندي چيو آهي ته نجي شعبو ڇاتيءَ جي ڪينسر کان متاثر ماڻهن کي مدد فراهم ڪرڻ ۾ پنهنجو ڪر??ار ادا ڪري، ميڊيا ۽ ٻيون ڌريون ڇاتيءَ جي ڪينسر بابت آگاه?? مهم ۾ مدد ڪن، عورتن کي حياتي کسيندڙ مرض جي جلد تشخيص، پاڻ معائنو ڪرڻ ۽ وقت سر طبي رهنمائي حاصل ڪرڻ ج?? ترغيب ڏيڻ گهرجي. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب هو سيمنز هيليٿائزز جي وفد سان ملاقات ۾ ڳالهائي رهيو هو. صدر صحت جي شعبي ۾ چئلينجن کي منهن ڏيڻ ج?? لاءِ ڊيجيٽل ٽيڪنالاجيز جي امڪانن کي اجاگر ڪندي چيو ته ڊيجيٽل ٽيڪنالاجي آگاهي، صحت جي سهولتن تائين پهچ بهتر بڻائڻ ۽ خرچ گهٽ ڪرڻ ۾ مدد??ار ثابت ٿي سگهي ٿي. صدر شروعاتي اسڪريننگ، پنهنجو معائنو پاڻ ڪرڻ ۽ بهتر طبقي خدمتن جي اهميت تي پڻ زور ڏنو ۽ چيو ته نجي شعبي جا حصي??ار ميڊيا مهم ۽ تعليمي ادارن ۾ ورڪشاپس ۽ سيمينارز منعقد ڪرڻ ج?? ذريعي شعور بي??ار ڪرڻ ۾ اهم ادا ڪري سگهن ٿا. صدر آڪٽوبر ۾ ڇاتيءَ جي ڪينسر بابت آگاهي جا پروگرام منقعد ڪرڻ تي پڻ زور ڏنو. هن ڇاتيءَ جي ڪينسر بابت آگاه?? مهم ۾ پاڪستان ٽيلي ڪميونيڪشن اٿارٽي ۽ ٽيلي ڪ??م ڪمپنين جي ڪ????ار کي پڻ ساراهيو. پهرين آڪٽوبر کان ڇاتيءَ جي ڪينسر تي آڊيو آگاهي پيغام هلايو پيو وڃي جنهن ۾ عورتن کي پنهنجو معائنو ڪرڻ ۽ وقت سر طبي مشورو وٺڻ ج?? تلقين ڪئي پئي وڃي. صدر چيو ته ميڊيا هائوسز مارننگ ۽ ٽاڪ شوز کانسواءِ بيداري جي لاءِ پيغام نشر ڪن، ڇاتيءَ جي ڪينسر کانپوءِ جي مرحلن ۾ علاج سان واڳيل خرچن کي وقت سر تشخيص سان گهٽ ڪري سگهجي ٿو.
نجي شعبو ڇاتيءَ جي ڪينسر کان متاثر ماڻهن کي مدد فراهم ڪرڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪري: صدر ڊاڪٽر عارف علوي
مضمون کا ماخذ : اسکریچ کارڈ کا انعام