اسلام آباد-26 سيپٽمبر (اي پي پي)پيشوراڻي تربيت واري نگران وفاقي وزير مدد علي سنڌي اردو يونيورسٽي ۾ بي ضابطگين جو سخت نوٽيس وٺندي اعليٰ سطح جي فيڪٽ فائنڊنگ ڪميٽي جوڙڻ ج?? اعلان ڪيو آهي. ڪميٽي وزارت ۽ ايڇ اي سي جي سينيئر عملدارن تي ٻَڌل هوندي. تعليم واري وزارت مان جاري ??يان مطابق وفاقي وزير چيو ته علمي، انتظامي ۽ قانوني مسئلن جو جائزو وٺڻ لاءِ هڪ اعليٰ اختياراتي ڪميٽي جوڙي وئي آهي. ڪميٽي ان ڳالهه جو تعين ڪندي ته موجوده مسئلن جو ذميدار ڪير آهي، ڪميٽي فوري پنهنجا نتيجا پيش ڪندي جنهن تي سخت ايڪشن کنيو ويندو. هن چيو ته منهنجي سرونگ ۽ رٽائرڊ استادن سان ملاقات ٿي جنهن ۾ اردو يونيورسٽي جا س??ور?? مسئلا مون آڏو رکيا ويا.هن چيو ته ايڊهاڪ بيسز تي يونيورسٽي نٿي هلي سگهي، مستقل عملي جي ضرورت آهي. هن چيو ته قانون جي بالادستيءَ سان ئي مسئلن کي حل ڪري ??گهجي ٿو، اسان کي سمورن مسئلن کي اهڙي نموني حل ڪرڻو آهي ته جيئن صورتحال ٻيهر پيدا نه ٿئي.
وفاقي تعليم مدد علي سنڌي پاران اردو يونيورسٽي ۾ بي ضابطگين جو نوٽيس، فيڪٽ فائنڊنگ ڪميٽي جوڙڻ جو اعلان
مضمون کا ماخذ : بڑا برا بھیڑیا۔