اسلام آباد – 03 – آگسٽ (اي پي پي) پاڪستان ۽ اي??ان ٻطرفي واپارجي لاءِ 5 ارب ڊالر جو هدف مقرر ڪندي تعاون کي وڌائڻ جي لاءِ 5 سالا واپاري تعاون جو منصوبو تيار ڪري ورتو آهي. پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري پنهنجي ايراني هم منصب حسين امير عبداللهيان سان گڏيل پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي چيو ته 5 سالا واپاري تعاو?? جي منصوبي جو مقصد ٻنهي ملڪ?? جي وچ ۾ ٻطرفي واپار ۾ ايندر رڪاوٽن کي ختم ڪرڻ، آزاداڻي واپار جي معاهدي کي حتمي شڪل ڏيڻ ۽ نجي شعب?? جي وچ ۾ اداراجاتي رابطو قائم ڪرڻ آهي. پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري چيو ته اي??ان سان ڀائراڻا ۽ تاريخي لاڳاپا آهن، اي??ان سان مختلف شعبن ۾ وڌيڪ تعاون مستحڪم ڪرڻ چاهيون ٿا، ٻنهي ملڪ?? جي وچ ۾ تاريخي اسٽريٽجڪ لاڳاپا آهن، ايراني هم منصب سان مختلف معاملن تي ڪارائتي ڳالهه ٻولهه ٿي، ٻنهي ملڪ?? جي وچ ۾ واپار، معيشت، توانائي ۽ آرٽ ۾ گڏيل تعاو?? جي فروغ لاءِ ڪيتريون ئي تجويزون غور هيٺ آهن، اسان 2023ع کان 2028ع تائي?? جي لاءِ گڏيل واپاري معاهدي کي حتمي شڪل ڏني آهي، معاهدي سان گڏيل واپار 5 ارب ڊالر تائين وڌندو. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته مون کي يقين آهي ته اڄ جيڪي اسان قدم کڻي رهيا آهيون اُهي ٻنهي ملڪ?? جي وچ ۾ ايندڙ مهينن ۽ سالن ۾ ڊگهي مدي واري پائيدار اقتصادي حصيداري جي لاءِ حڪمت عملي طئي ڪندا. هن چيو ته ملاقات دو??ان انهن هن سال جي آخر تائين باقي 5 سرحدي منڊين کي فعال بڻائڻ ک?? ترجيح ڏيڻ تي اتفاق ڪيو آهي. پرڏيهي وزير ??يو ته پاڪستان ۽ اي??ان موجوده معاهدن موجب سزا ماڻيندڙ سمورن قيدين کي وطن واپس آڻڻ جو فيصلو ڪيو آهي، پاڪستان ۽ اي??ان ۾ قيد مُهاڻن کي آزاد ڪرڻ ۽ ٻنهي ملڪ?? جي عملدارن پا??ان انه?? جي سامونڊي جهاز?? جي واپسي تي هنيل ڏنڊ معاف ڪرڻ جو پڻ فيصلو ڪيو ويو آهي. هن چيو ته ٻئي ڌريون ان مفاهمت کي تيزي سان عملي جامعو پارائڻ جي لاءِ قيدي?? جي فهرست جي مٽاسٽا ڪنديون. ملاقات ۾ ڀارت جي غيرقانوني طور تي قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ انساني حق?? جي سنگين صورتحال تي پڻ خيال?? جي ڏي وٺ ڪئي وئي. پرڏيهي وزير ??شميري عوام جي جائز مقصد جي مضبوط ۽ مستقل حمايت تي ايراني قيادت جا ٿورا مڃيا. افغانستا?? جي صورتحال بابت ڌرين افغان ڀائرن ۽ ڀينر?? جي ڀلائي ۽ خوشحالي کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ افغانستان ۾ امن ۽ استحڪام کي اڳتي وڌائڻ جي لاءِ پنهنجو فعال تعاون جاري رکڻ تي اتفاق ڪيو. پرڏيهي وزير ??يو ته ايراني هم منصب سان ملاقات ۾ اسلامو فوبيا جي حوالي سان درپيش چئلينجز تي پڻ ڳالهه ٻولهه ٿي. هن اسلامو فوبيا ۽ مسلمان مخالف نفرت جي خاتمي جي لاءِ پنهنجو تعاون جاري رکڻ تي پڻ اتفاق ڪيو. هن چيو ته بدقسمتي سان سڄي يورپ ۾ اسلامو فوبڪ ڪاررواين ۽ واقعن جو هڪ سلسلو جاري آهي. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته ٻنهي ملڪن اهو طئي ڪيو آهي ته هڪ ٻئي سان قيدي?? جي فهرست?? جي مٽاسٽا ڪئي وڃي، اسان چاهيون ٿا ته اسا?? جي سرحد تي امن ۽ سلامتي واري صورتحال قائم رهي. ايراني پرڏيهي وزير حسين امير عبداللهان ان موقعي تي معيشت، واپار ۽ سياحت جي شعبن ۾ ٻطرفي تعاون کي وڌائڻ تي زور ڏنو. هن چيو ته ٻئي ملڪ ٻطرفي واپار کي 5 ارب ڊالر تائين وڌائڻ جي لاءِ پرعزم آهن. حسين امير عبداللهيان چيو ته ٻئي ملڪ مُهاڻ?? جي آزادي ۽ انه?? جي جهاز?? جي واپسي جي لاءِ فوري قدم کڻندا. ايراني پرڏيهي وزير پاڪستان اي??ان گئس پائيپ لائي?? جي مڪمل ٿيڻ تي زور ڏيندي چيو ته اهو منصوبو يقيني طور تي ٻنهي ملڪ?? جي قومي مفادن کي پورو ڪندو. ايراني پرڏيهي وزير ??يو ته گئس پائيپ لائين منصوبو ٻنهي ملڪ?? جي مفاد ۾ آهي، ٻنهي ملڪ?? جي وچ ۾ واپار ۾ وڌيڪ سگهه چاهيون ٿا. هن چيو ته بارڊر تي مارڪيٽون قائم ڪرڻ سان واپار ۾ آساني ٿي رهي آهي. ايراني پرڏيهي وزير باجوڙ ۾ تازي دهشتگرد حملي جي مذمت ڪئي ۽ پاڪستا?? جي عوام ۽ حڪومت ۽ ڏکويل خاندانن سان همدرديءَ جو اظهار ڪيو. هن چيو ته افغانستان ۾ ڪنهن به صورتحال جو اثر پاڙيسري ملڪن پاڪستان ۽ اي??ان تي پوندو تنهن ڪري ڪنهن به صورت ۾ اها مذهبي ۽ انساني ذميواري هئي ته هو افغانستا?? جي ماڻه?? جي مدد ڪري. ٻنهي پرڏيهي وزير?? جي موجودگي ۾ ٻنهي طرفن کان پاڪستان ۽ اي??ان جي وچ ۾ مختلف شعبن ۾ تعاو?? جي معاهدن ۽ مفاهمت جي ياداشتن تي صحيحون پڻ ڪيون ويون.
پاڪستان ۽ ايران پاران ٻطرفي واپارجي لاءِ 5 ارب ڊالر جو هدف مقرر، تعاون کي وڌائڻ جي لاءِ 5 سالا واپاري تعاون جو منصوبو تيار
مضمون کا ماخذ : سٹاربرسٹ