راولپنڊي – 09 – مئي (اي پي پي) خاتون اول بيگم ثمينه عارف علوي چيو آهي ت?? واپاري برادري خصوصي ماڻهن جي ڀلائي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪري، گڏيل ڪوش??ن سان ڇاتيءَ جي ڪينسر جي خلاف آگاهي ۾ خاطرخواهه ڪاميابي ملي، ڪنهن به ملڪ جي معاشي ۽ اقتصادي ترقي ۾ واپاري برادري وڏي اهميت رکندي آهي، بريسٽ ڪينسر جي حوال?? سان ميڊيا جو ڪردار ساراهه جوڳو آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن راولپنڊي چيمبرز آف ڪامرس اينڊ انڊسٽري جي اهتمام هيٺ عورتن ۾ ڇاتيءَ جي ڪينسر خلاف ٿيندڙ آگاهي سيشن کي خاص مهمان طور خطاب ڪندي ڪيو. بيگم ثمينه عارف علوي چيو ته عورتن ۾ ڇاتيءَ جي ڪينسر بابت آگاهي جو فروغ وقت جي ضرورت آهي ڇو ته ڇاتيءَ جي ڪينسر جي وقت سر تشخيص ۽ علاج سان ان موذي مرض کان بچي سگهجي ٿو. عورتن کي گهرجي ت?? جسم ۾ ڪنهن به غيرمعمولي تبديلي جي صورت ۾ فوري طور تي ڊاڪٽر سان رجوع ڪن. وومين امپاورمينٽ هڪ خوش آئنده عمل آهي، جيڪو جاري رهڻ گهرجي. هن چيو ته آگاه?? سان بريسٽ ڪينسر کان بچاءُ جا امڪان 90 سيڪڙو هوندو آهي، ڏورانهن علائقن ۾ به بريسٽ ڪينسر جي تشخيص جي سهولت جي دستيابي کي يقيني ب??ائ??و پوندو. بيگم ثمينه عارف علوي خصوصي ماڻهو معاشري جو اهم حصو آهن ۽ اسان جي ڌيان جا مستحق آهن، حڪومتي سطح تي خصوصي ماڻهن جي بحالي جا قدم کنيا پيا وڃن، ضرورت ان ڳالهه جي آهي ت?? خصوصي ماڻهن جي بحالي، ڀلائي ۽ انهن کي معاشري جو ڪارائتو شهري ب??ائ?? جي لاءِ معاشري جي سڀني طبقن خاص طور تي واپاري برادري پنهنجو ڪردار ادا ڪري. نجي شعبو ۽ اين جي اوز به خصوصي ماڻهن جي لاءِ ڪوٽا مخصوص ڪري. حڪومت عورتن کي بااختيار ب??ائ?? سان گڏوگڏ خصوصي ماڻهن کي به پاڻڀرو ڪرڻ بابت سنجيده قدم کڻي رهي آهي. خصوصي ماڻهن کي قرض جي فراهم?? سان گڏوگڏ انهن جي مالي معاونت جو سلسلو به جاري آهي. پاڪستان دنيا جو خوبصورت ترين ملڪ آهي، نوجوانن کي گهرجي ت?? پنهنجي صلاحيتن جي ذريعي ملڪ ۽ قوم کي فائدو پهچائين. گڏيل ڪوش??ن سان ذهني صحت، مختلف قسمن جي جسماني معذوري ۽ بريسٽ ڪينسر جي بچاءُ جي حوال?? سان ڪم ڪري سگهجي ٿو.
واپاري برادري خصوصي ماڻهن جي ڀلائي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪري: بيگم ثمينه عارف علوي
مضمون کا ماخذ : موبائل سے لاٹری کھیلیں