اسلام آباد – 27 – فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ذخيره اندوزن ۽ منافعي خورن جي خلاف سخت ڪارروائ?? جي هدايت ڪندي وفاق ۽ صوبن جي ضلعي انتظاميا ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن کي فري هينڊ ڏئي ڇڏيو. وزيراعظم مرغ?? جي قيمتن ۾ اضافي تي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو ۽ رمضان المبارڪ ۾ يوٽيلٽي اسٽورز تي سستي کاڌي پيت?? جي شين جي فراهمي کي يقيني بڻائڻ جي پڻ هدايت ڪئ??. اهڙن خيالن جو اظهار هن رمضان المبارڪ دوران کاڌي پيت?? جي بنيادي شين جي دستيابي ۽ انهن جي قيمتن ۾ استحڪام يقيني بڻائڻ جي حوالي سان اهم اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. وزيراعظم کي بريفنگ دوران ٻڌايو ويو ته ملڪ ۾ ڪڻڪ سميت کاڌي پيت?? جي شين جي ڪا کوٽ نه آهي. وزيراعظم شهباز شريف ذخيره اندوزن ۽ منافعي خورن جي خلاف سخت قانوني ڪارروائ?? جي هدايت ڪئ?? ۽ چيو ته وفاق ۽ صوبن ۾ ضلعي انتظاميا ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن کي فري هينڊ ڏئي ڇڏيو آهي. هن هدايت ڪئ?? ته ذخيره اندوزي ۽ وڌيڪ اگهه وٺندڙن جي خلاف سخت ترين ڪارروائي ڪئ?? وڃي. رمضان المبارڪ کان اڳ گودامن، دڪانن ۽ منڊين ۾ آپريسن ڪن. ٻوڏ، معاشي مشڪلاتن ۾ ڦاٿل عوام کان رمضان ۾ جيڪو وڌيڪ قيمت وٺي، ان کي سختي سان منهن ڏيو. وزيراعظم وفاقي حڪومت کي وڏن وزيرن سان گڏجي رمضان ۾ شين جي رواني ۽ قيمتن تي ڪنٽرول جو ٽاسڪ ڏئي ڇڏيو. وزيراعظم هدايت ڪئ?? ته عبادتن جي مهيني ۾ جيڪو روزيدارن کي تنگ ڪري، ان کي قانون جي طاقت سان س??ق سيکاريو. شهباز شريف سخت هدايت ڪئ?? ته شين جي طلب، پهچ ۽ قيمتن ۾ ڳڙٻڙ ٿي ته لاڳاپيل علائقن جي آفيسرن جي خلاف ڪارروائي ٿيندي. وزيراعظم ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته خوراڪ جي کوٽ نه ته پوءِ مرغ?? جي قيمت ۾ اضافو ڇو؟ وزيراعظم هدايت ڪئ?? ته جيڪو عوام کي تنگ ڪري، قانون ان کي پڪڙ ۾ آڻي، ڪا نرمي نه ڪئ?? وڃي. عوام تي مهانگائي جو بار وڌائيندڙ منافعي خورن کي پڪڙيو ۽ قانون جو س??ق سيکاريو. وزيراعظم اها به هدايت ڪئ?? ته سڄي ملڪ ۾ يوٽيلٽي اسٽورز تي معياري شين جي فراهمي يقيني هجڻ گهرجي. مقدس مهيني ۾ موبائيل يوٽيلٽي اسٽورز قائم ڪريو، سحر ۽ افطار ۾ روزيدارن جون دعائون وٺو. وزيراعظم وفاق ۽ صوبن ۾ سستا رمضا بازار لڳائڻ جي پڻ هدايت ڪئ??. وزيراعظم هدايت ڪئ?? ته رمضان بازارن ۾ قيمتن کي ڪنٽرول ڪرڻ جي لاءِ جديد ٽيڪنالاجي استعمال ڪئ?? وڃي.
وزيراعظم پاران ذخيره اندوزن ۽ منافعي خورن جي خلاف سخت ڪارروائي جي هدايت
مضمون کا ماخذ : پاور بال جیتنے کے طریقے