اسلام آباد – 21 – فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف گرمين ۾ بجلي جي پهچ جي نظام کي بهتر بڻائڻ ۽ لوڊ مئن??جم??نٽ جي مناسب قدمن ۽ حڪمت عملي کي جلد کان جلد حتمي شڪل ڏيڻ جي هدايت ڪئي آهي. وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ گرمي جي موسم ۾ بجلي جي پهچ ۽ لوڊ مئن??جم??نٽ جي حوالي سان هڪ اهم جائزه اجلاس ٿيو. اجلاس جي شرڪت ڪندڙن سان ڳالهائيندي وزيراعظم چيو ته گرمين جي موسم ۾ بجلي جي پهچ جي نظام کي بهتر بڻائڻ ۽ ان حوالي سان لوڊ مئن??جم??نٽ جا مناسب قدم کنيا وڃن. هن هدايت ڪئي ته ان تجويز ڪيل حڪمت عملي کي جلد کان جلد حتمي شڪل ڏني وڃي ته جيئن گرمي جي اچڻ کان اڳ لاڳاپيل ادارن وٽ هڪ ٺوس ۽ جامع پلان موجود هجي. وزيراعظم چيو ته گرمين جي مهينن خاص طور تي رمضان المبارڪ دوران گهٽ کان گهٽ لوڊشيڊنگ ڪئي وڃي. وزيراعظم ان ڳالهه تي اط??ينان جو اظهار ڪيو ته بجلي جي پيداوار جي حوالي سان انرجي مڪس ۾ مقامي ٻارڻ ۽ متبادل وسيلن جو حصو مسلسل وڌي رهيو آهي جنهن جي ڪري مهانگي درآمدي ٻارڻ تي دارومدار گهٽ ٿي رهيو آهي ۽ درآمدي ??ل ۾ پڻ خاطرخواهه گ??ٽتائي اچي رهي آهي. وزيراعظم هدايت ڪئي ته حويلي بهادر شاهه پاور پلانٽ کي مڪمل آپريشنل بڻائڻ جي لاءِ فوري طور تي قدم کنيا وڃن. هن پاور ڊويزن، پيٽروليم ڊويزن ۽ ٻين لاڳاپيل ادارن کي بجلي جي پيداوار ۽ لوڊ مئن??جم??نٽ جي حوالي سان هم آهنگي ۽ رابطو بهتر بڻائڻ جي پڻ هدايت ڪئي. اجلاس ۾ وزيراعظم کي بجلي جي پيداوار ۽ لوڊ مئن??جم??نٽ جي حوالي سان تفصيلي بريفنگ پڻ ڏني وئي جنهن ۾ ٻڌايو ويو ته عوام تي بجلي جي لوڊشيڊنگ جو بار گهٽ کان گهٽ وجهڻ جي لاءِ موثر قدم کنيا پيا وڃن. اجلاس ۾ ناڻي ۽ اوڳاڙين واري وفاقي وزير اسحا?? ڊار، توانائي واري وفاقي وزير انجنيئر خرم دستگير، اط??اعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب، وزيراعظم جي خاص معاون جهازيب خان ۽ لاڳاپيل اعليٰ سرڪاري آفيسرن شرڪت ڪئي.
وزيراعظم پاران گرمين ۾ بجلي جي پهچ جي نظام کي بهتر بڻائڻ ۽ لوڊ مئنيجمينٽ جي مناسب قدمن ۽ حڪمت عملي کي جلد کان جلد حتمي شڪل ڏيڻ جي هدايت
مضمون کا ماخذ : کینڈی کیش