اسلام آباد – 05 – جن??ري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي اسٽيٽ لائيف جي وفاقي محتسب جي 4 فيصلن جي خلاف اپيلون رد ڪري ڇڏيون. هن اسٽيٽ لائيف کي لائيف انشورنس پاليسي جاري ڪرڻ کان ??ڳ تصديقي ??مل کي مضبوط ڪرڻ ۽ اسٽيٽ لائيف کي دعويدارن کي 19 لک رپين کان وڌيڪ جا ڪليم ادا ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. ايوان ??در جي پريس ونگ پاران ??اري بيان موجب صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته اسٽيٽ لائيف پاليسي ڏيڻ کان ??ڳ ۽ بعد جي عمل کي بهتر بڻائي ته جيئن ماڻهن کي غيرضر??ري پريشاني کي منهن ڏيڻو نه پوي، انهن قدمن سان ??ياست ۽ شڪايت ڪندڙن جي قانوين چاره جوئي تي ٿيندڙ خرچن کي به گهٽ ڪري سگهبو. صدر ڪانٽريڪٽ ايڪٽ 1872ع جو حوالو پڻ ڏنو ۽ چيو ته اسٽيٽ لائيف انشورنس بيماري لڪائڻ جي عذر تي ڪليم ادا نه ڪري بدانتظامي ڪئي، اسٽيٽ لائيف اصل ڪليم کانسواءِ ان مدي دوران ??مع ٿيندڙ منافعي جي ادائيگي به ڪري. صدر اسٽيٽ لائيف جي وفاقي محتسب جي 4 فيصلن جي خلاف اپيلون رد ڪري ڇڏيون. صدر چيو ته پاليسي هولڊرز کي پاليسي جاري ڪرڻ کان ??ڳ مجاز ميڊيڪل آفيسر طبي معائ??ي ۾ طبي طور تي صحتمند قرار ڏنو، لا??ور هاءِ ڪورٽ جي فيصلي موجب هائي بلڊ پريشر، ذيابيطس ۽ ميليٽس جهڙين بيمارين کي غيرمعمولي سبب نه ٿو چئي سگهجي، لا??ور هاءِ ڪورٽ جي فيصلي موجب اهڙين بيمارين کي لڪائڻ کي دوکويبازي سان ??عبير نه ٿو ڪري سگهجي. هن چيو ته چار مختلف پاليسي هولڊرز مجموعي طور تي 19.5 لک رپين جي لائيف انشورنس پاليسيون خريد ڪيون، جنهن ۾ 9 لک، 4 لک 25 هزار، 4 لک 25 هزار ۽ 2 لک شامل آهن. فوت ٿيڻ کانپوءِ خاندان ??ي ماڻهن (شڪايت ڪندڙن) انشورنس ڪليمز جي لاءِ درخواست ڏني، اسٽيٽ لائيف پاليسي وٺڻ وقت بيماريون لڪائڻ جو عذر ٺاهي ڪليم ادائيگي کان ??نڪار ڪيو، شڪايت ڪندڙن ريليف جي لاءِ وفاقي محتسب سان ??ابطو ڪيو اسٽيٽ لائيف محتسب حڪمن جيخلاف صدر کي درخواستون داخل ڪيون جيڪي رد ڪيون ويون.
صدر پاران اسٽيٽ لائيف جي وفاقي محتسب جي 4 فيصلن جي خلاف اپيلون رد
مضمون کا ماخذ : بہت سے نتائج