اسلام آباد -29 سيپٽمبر (اي پي پي) ايشيائي ت??قياتي بئنڪ پاڪستان ۾ ٻوڏ سبب متاثر علائقن ۾ امداد ۽ پائيدار بنيادي ڍانچي جي ت??مير جي سرگرمين ۾ مدد لاءِ 2 ارب ڊالرن کان وڌيڪ مدد جي منظوري ڏيندو، اها ڳالهه ايشيائي ت??قياتي بئنڪ جي ڊائريڪٽر جنرل يو جين زو ڪوف منيلا ۾ ورچوئل پريس ڪانفرنس ۾ ٻڌائي، هن پاڪستان ۾ هاڻوڪي ٻوڏ ۽ برساتن سبب ٿيل جاني ۽ مالي نقصانن تي همدردي ۽ ڏک جو اظهار ڪيو ۽ چيو ته بئنڪ اڳ ئي خوراڪ جي فراهمي ۽ خيمن جي فوري خريداري لاءِ 30 لک ڊالرن جي گرانٽ فراهم ڪري ڇڏي آهي، هن چيو ته انتهائي ض??ور?? فوري امداد، متاثر علائقن جي بحالي ۽ نئين سر تعمير لاءِ 500 کان 700 ملين ڊالرن تائين جو پيڪيج ڏنو پيو وڃي، جنهن جي منظوري هلندڙ سال جي آخر ۾ ڏني ويندي، هن چيو ته ايشيائي ت??قياتي بئنڪ پاڪستان ۾ معاشي طور ڪمزور طبقن تي خوراڪ جي وڌندڙ قيمتن ۽ ٻين ٻاهرين جٽهڪن جي اثرن کي گهٽ ڪرڻ لاءِ وڌيڪ 1.5 ارب ڊالر جي ڪائونٽر سائيڪليڪل سپورٽ تي ڪارروائي ڪري رهيو آهي، پاڪستان ۾ ٻوڏ کانپوءِ امداد ۽ قدمن جي حوالي ??ان هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته ا??ان مقامي حڪومت ۽ ٻين عالمي ت??قياتي شراڪتدارن جي ويجهي ت??اون ??ان ڪم ڪري رهيا آهيون ته جيئن نقصانن جي ضرورتن جي ڪاٿي کي حتمي شڪل ڏئي سگهجي جيڪو امڪاني طور تي ايندڙ مهيني جي وچ ??ار?? مڪمل ٿي ويندو، هن چيو ته موسمياتي ت??ديلي سبب قدرتي آفتن جي شدت ۾ اضافو ٿي رهيو آهي، پاڪستان ۾ هاڻوڪي ٻوڏ موسمياتي ت??ديلي جو نتيجو آهي، هن ٻوڏ سبب 33 ملين ماڻهو متاثر ٿيا آهن جن مان 6 لک جي لڳ ڀڳ امدادي ڪيمپن ۾ آهن، ٻوڏ سبب 1.7 ملين گهرن کي نقصان پهتو آهي.
ايشيائي ترقياتي بئنڪ پاڪستان ۾ ٻوڏ سبب متاثر علائقن ۾ امداد ۽ پائيدار بنيادي ڍانچي جي تعمير ۾ مدد لاءِ 2 ارب ڊالرن کان وڌيڪ مدد جي منظوري ڏيندو
مضمون کا ماخذ : میگا ملینز کے فاتحین