اسلام آباد – 23 – نومبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير ??وڌري فواد حسين چيو آهي ته نوجوان پاڪستان جو مستقبل آهن، نوجوانن کي بااختيار بڻائڻ ۽ مقامي ۽ عالمي ??نڊين ۾ افرادي قوت جو حصو بڻائڻ لاءِ مختلف هنر سيکارڻ لاءِ قدم کڻي رهيا آهيون. اها ڳالهه هن پاڪستان تحريڪ انصاف يوٿ ونگ تعلقي ڊسڪه جي صدر افنان علي ساهي سان ملاقات دوران ڳالهائيندي چئي. وفاقي وزير ??يو ته وزيراعظم جو ڪامياب جوان پروگرام نوجوان ڪاروباري ماڻهن کي قرضن ۽ مهارت تي ٻڌل تربيت جي فراهمي ??اءِ نمايان ڪردار ادا ڪري رهيو آهي، هن چيو ته معاشري جي پوئتي پيل طبقن جي مدد ۽ ملڪ جي خوشحال بڻائڻ لاءِ نوجوانن جو ڪردار اڻٽر آهي، ان موقعي تي پي ٽي آءِ يوٿ ونگ تعلقي ڊسڪه جي صدر نوجوانن کي بااختيار بڻائن ۽ کين مالي قرضن ۽ هنر جي ترقي جا موقعا ??راهم ??رڻ لاءِ حڪومت جي قدمن کي سا??اهيو. افنان علي ساهي وفاقي وزير ??ي پي ٽي آءِ يوٿ ونگ ڊسڪه جي ڪنوينشن ۾ شرڪت جي دعوت ڏني جيڪا هن قبول ڪري ورتي.
نوجوان پاڪستان جو مستقبل آهن: چوڌري فواد حسين
مضمون کا ماخذ : آن لائن اور ایپلیکیشنز