ڪراچي – 05 – نومبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته پيپلزپارٽي عوام کي مافياز جي رحم ڪرم تي ڇڏيو آهي، سنڌ ??ڪو??ت وزيراعظم ڪفالت احساس پروگرام ۾ شامل نه ٿي، هر جڳهه تي انهن جي نالائقي ظاهر آهي. صحافين سان ڳالهائيندي هن چيو ته سنڌ جي حڪمرانن غريب ماڻهو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آهي. مملڪتي وزير چيو ته هر جڳهه تي انهن جي نالائقي نظر اچي ٿي. هن چيو ته سنڌ ??ڪو??ت وزيراعظم ڪفالت احساس پروگرام ۾ شامل نه ٿي، جيڪڏهن اسانجي پروگرام سان مسئلو آهي ته غريب ماڻهو جي لاءِ سنڌ ??ڪو??ت ڪو پروگرام کڻي اچي. مملڪتي وزير چيو ته صحت ڪارڊ جي معاملي ۾ به سنڌ ??ڪو??ت اعتراض ڪري ٿي، وفاق سنڌ ??ڪو??ت کي ٽن سالن جي اندر 19 سئو ارب رپيا ڏنا آهن. هن چيو ته اهي پئسا ڪٿي خرچ ٿيا، سنڌ ۾ ڪٿي به ترقي نظر نه ٿي اچي، غريب ماڻهو جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آهي. هن چيو ته اهي پئسا به ڪرپشن جي ور چڙهي ويا آهن. فرخ حبيب چيو ته سنڌ ۾ لاقانونيت جو راڄ آهي، ناظم جوکيو جي قتل جي ايف آءِ آر به پي ٽي آءِ جي ميمبرن ڪٽرائي. مملڪتي وزير چيو ته گڏيل قومن موجب دنيا ۾ مهانگائي جو 50 سالا رڪارڊ ٽٽ?? ويو آهي. هن چيو ته پي??رو??يم مصنوعات جون قيمتون عالمي سطح تي وڌي رهيون آهن، اسان پي??رو??يم ليوي نه وڌايو، پي??رو??يم مصنوعات تي سيلز ٽيڪس گهٽ ڪيو آهي. مملڪتي وزير چيو ته وزيراعظم عمران خان جي ڪوشش آهي ته عالمي مهانگائي جو اثر پاڪستاني عوام تي گهٽ کان گهٽ ٿيو.
پيپلزپارٽي عوام کي مافياز جي رحم ڪرم تي ڇڏيو آهي: فرخ حبيب
مضمون کا ماخذ : sorteios quina