اسلام آباد – 08 – آڪٽوبر (اي پي پي) پر??يهي وزير شاهه محمود قريشي چيو آهي ته پاڪستان ۽ ٿائيلينڊ قابل اعتماد دوست آهن ۽ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ لاڳاپا گڏيل اعتماد، افهام و تفهيم ۽ تعاون تي قائم آهن. اها ڳالهه هن پاڪستان ۽ ٿائي لي??ڊ جي وچ ۾ سفارتي لاڳاپن جي قيام جي 70 هين سالگرهه جي ياد ۾ گڏيل لوگو جاري ڪرڻ ??ي حوالي سان پنهنجي هڪ پيغام ۾ چئي. پر??يهي آفيس جي ترجمان موجب ان سلسلي ۾ ورچوئل تقريب منعقد ٿي، پر??يهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي ۽ ٿائيلي??ڊ جي نائب وزيراعظم ۽ مملڪتي وزير ڊان پرموڊونائي جا پيغام پڙهي ٻڌايا ويا، تقريب جي گڏيل صدارت عالم افتخار احمد، ايڊيشنل سيڪريٽري (ايشيا پيسفڪ)، ۽ ڊرام بونٿم، ڊائريڪٽر جنرل (ڏکڻ ايشيائي، وچ اوڀر ۽ آفريقي معاملا) ڪري رهيا هئا. تقريب ۾ ٻنهي ملڪن جي پر??يهي وزارت ۽ اسلام آباد ۽ بئنڪاڪ جي سفارتخانن جي عملدارن به شرڪت ڪئي، پر??يهي وزير شاهه محمود قريشي پنهنجي وڊيو پيغام ۾ چيو ته پاڪستان ۽ ٿائي لينڊ قابل اعتماد دوست ۽ ٻنهي ملڪن جي قيادت ٻطرفي لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ لاءِ پرعزم آهي. پر??يهي وزير چيو ته اسان جا لاڳاپا گڏيل اعتماد، افهام و تفهيم ۽ تعاون تي قائم آهن. ٻنهي ملڪن جي ماڻهن جي وچ ۾ لاڳاپا تاريخي لحاظ کا?? گهرا ۽ مستحڪم بنيادن تي قائم آهن، ٿائي لي??ڊ جي نائب وزيراعظم ۽ پر??يهي وزير ڊان پرموڊونائي ان موقعي تي پاڪستان ??ي حڪومت ۽ عوام کي مبارڪباد ڏني. 7 ڏهاڪن جي ٻطرفي لاڳاپن کي اجاگر ڪندي هن ان عزم جو ورجاءُ ڪيو ته ايندڙ سالن ۾ ٿائي لينڊ ۽ پاڪستان جي وچ ۾ لاڳاپا وڌيڪ مضبوط ۽ گهرا ??يندا. گڏيل لوگو جي نقاب ڪشائي کا??سواءِ ”7 ڏهاڪا – 7 سنگ ميل“ جي موضوع تي هڪ وڊيو به ڏيکاري وئي.
پاڪستان ۽ ٿائيلينڊ قابل اعتماد دوست آهن: شاهه محمود قريشي
مضمون کا ماخذ : کنگ کانگ روش