اسلام آباد – 06 – آڪٽوبر (اي پي پي) پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي سان ڪرغزستا?? ۾ ??قرر پاڪستاني سفير سردار اظهر طارق خان پرڏيهي وزارت ۾ ملاقات ڪئي، ??ردار اظهر طارق گذريل ٻن سالن دوران کنيل سفارتي قدمن، رابطن جي فروغ لاءِ ڪيل ڪوششن ۽ سفارتخاني جي ڪارڪردگي جي حوالي سان پرڏيهي وزير کي مفيد بريفنگ ڏني.
پرڏيهي وزير چيو ته پاڪستان ۽ ڪرغزستان جي وچ ۾ خوشگوار لاڳاپا آهن، جڏهن ته پاڪستاني شاگردن جو وڏو تعداد ڪرغزستان ۾ تعليم پرائي رهيو آهي، ??اهه محمود قريشي چيو ته ٻاهرين ملڪ رهندڙ پاڪستانين جي ڀلائي اسان جي حڪومت جي اولين ترجيحن ۾ شامل آهي. پرڏيهي وزير اقتصادي سفارتڪاري کي استعمال ۾ آڻيندي پاڪستان ۽ ڪرغزستان جي و?? ۾ ??اپاري ۽ اقتصادي رابطا وڌائڻ جي ضرورت تي زور ڏنو،
ڪرغزستا?? ۾ ??قرر پاڪستاني سفير سردار اظهر طارق خصوصي هدايتن تي پرڏيهي وزير جو ٿورو ادا ڪندا پاڪستان ۽ ڪرغزستان جي و?? ۾ ??طرفي لاڳاپن جي استحڪام لاءِ پنهنجون سڀئي ڪوششون استعمال ۾ آڻڻ جي خاطري ڪرائي.