اسلام آباد – 07 – سيپٽمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي يونيورسٽين ۾ آن لائين تعليم جو تناسب وڌائڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته اهو طريقيڪار گهٽ لاڳت هجڻ سان ??ڏوگڏ شاگردن کي اعليٰ تعليم تائين آسان پهچ حاصل ڪرڻ ۾ مدد ڏيندو، تعليمي ادارا پنهنجي ويزن تي نظرثاني ۽ تيزي سان تبديل ٿيندڙ دنيا جي چئلينجن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ فڪري برتري حاصل ڪرڻ تي ڌيان ??ين. صدر اهڙن خيالن جو اظهار ايوان صدر ۾ رفاهه انٽرنيسنل يونيورسٽي اسلام آباد بابت هڪ بريفنگ اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ رفاهه انٽرنيشنل يونيورسٽي جي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر انيبادشاہ/121732.html">س ا??مد، ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر آ?? آئي يو اسد الله خان، رجسٽرار برگيڊيئر (ر) انجنيئر سليم احمد خان، فيڊرل ايجوڪيشن اينڊ پروفيشنل ٽريننگ واري وزارت ۽ هايئر ايجوڪيشن ڪميشن جي سينيئر عملدارن شرڪت ڪئي. رفاهه انٽرنيسنل يونيورسٽي جي وائيس چانسلر صدر کي ملڪ ۾ تعليم جي فروغ جي حوالي سان پنهنجي يونيورسٽين جي ڪاميابين ۽ ڪردار کان آگاهه ڪيو. ان موقعي تي انفارميشن ٽيڪنالاجي جي اهميت تي روشني وجهندي صدر چيو ته يونيورسٽين کي چوٿين صنعتي انقلاب ۽ تحقيق ۽ ترقي جي سرگرمين جي گهرجن تي ڌيان ??يڻ جي ضرورت آهي ته جيئن پاڪستان ??ي ٽيڪنالاجي جي لحاظ کان ترقي يافته ملڪن جي صف ۾ شامل ڪري سگهجي. هن وڌيڪ چيو ته تعليمي ڪاميابين کانسواءِ يونيورسٽين کي اخلاقي علم ۽ شاگردن جي ڪردارسازي تي پڻ ڌيان ??يڻ گهرجي. صدر مختلف معذور شاگردن کي ٽيوشن فيس، هاسٽل فيس ۽ يوٽيلٽي فيس ۾ ڇوٽ ڏيڻ جي ايڇ اي سي جي پاليسي کي پڻ ساراهيو ۽ ان اميد جو اظهار ڪيو ته ان سان انهن کي اعليٰ تعليم حاصل ڪرڻ جي ترغيب ملندي. هن تعليم ۽ صنعت جي وچ ۾ رابطن ۽ عالمي يونيورسٽين سان تعاون کي فروغ ڏيڻ جي ضرورت تي پڻ زور ڏنو جيڪو معياري تعليم جي فروغ ۾ مددگار ثابت ٿيندو. صدر تعليم جي فروغ ۾ نمايان ??ردار ادا ڪرڻ جي حوالي سان يونيورسٽي جي ڪارڪردگي کي ساراهيو.
يونيورسٽين ۾ آن لائين تعليم جو تناسب وڌائڻ جي ضرورت آهي: صدر
مضمون کا ماخذ : لاٹری کے اعداد و شمار