اسلام آباد – 29 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان جي نوٽيس وٺڻ تي ٻاهرئين ملڪ شهري کي 8 سالن کانپوءِ انصاف ملي ويو، ٻاهرئين ملڪ رهندڙ پاڪستاني سٽيزن پورٽل تي شڪايت ڪئي جنهن جو وزيراعظم ??وٽيس ورتو، جاچ کانپوءِ وزيراعظم جي حڪم تي اسلام آباد لينڊ روينيو جي آفيسرن جي خلاف سخت ڪارروائي ڪندي ڪوآپريٽو سوسائٽيز اسلام آباد جي ڊپٽي رجسٽرار کي فوري طور تي عهدي تان هٽايو ويو. وزيراعظم ڊيليوري يونٽ پاران جاري بيان موجب ٻاهرئين ملڪ شهري جي شڪايت تي ڪارروائي ڪندي اسلام آباد سرڪ?? رجسٽرار آفيس جي خلاف انڪوائري ڪئي وئي ۽ ڊپٽي رجسٽرار ڪوآپريٽو کي فوري طور تي عهدي تان هٽائڻ کانسواءِ چيف ڪمشنر گهرو وزارت مان سرڪ?? رجسٽرار کي معطل ڪرڻ جي سفارش پڻ ڪئي آهي، ان کانسواءِ انسپي??ٽر ڪوآپريٽو سوسائٽيز کي پڻ عهدي تان برطرف ڪيو ويو آهي، ٻئي طرف لاڳايل هائوسنگ سوسائٽي کي شوڪاز نوٽيس جاري ڪري بئنڪ اڪائونٽس پڻ منجمند ڪيا ويا، سرڪ?? رجسٽرار آفيس جي لاڳاپيل ڪلرڪ کي پڻ نوڪري تان برطرف ڪيو ويو آهي. وزيراعظم آفيس موجب ٻاهرئين ملڪ پاڪستاني پلاٽ منتقلي بابت وزيراعظم کي شڪايت ڪئي هئي، سرڪ?? رجسٽرار آفيس شهري جي شڪايت تي ان جي دادرسي ڪئي جنهن تي وزيراعظم ڊيليوري يونٽ جي هدايت تي چيف ڪمشنر شڪ??يت?? تي انڪوائري ڪئي، چيف ڪمشنر آفيس لاڳاپيل آفيسرن جي معطلي ۽ برطرفي جا نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيا.
وزيراعظم جي نوٽيس وٺڻ تي ٻاهرئين ملڪ شهري کي 8 سالن کانپوءِ انصاف ملي ويو
مضمون کا ماخذ : قزاقوں کی کافی مقدار