اسلام آباد – 20 – جنوري (اي پي پي) گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا وائرس سبب سنڌ کانپوءِ پنجاب ۾ سڀ کان وڌيڪ فوتگيون رڪارڊ ڪيون ويون. سڄي ملڪ ۾ گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا وائرس سبب 48 فوتگيون ٿيون جنهن مان 30 وينٽيليٽرز تي موجود مريضن جون ٿيون. نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر پاران ??اري انگن اکرن موجب سڄي ملڪ ۾ هڪ هزار 772 ماڻهن جا ڪورونا ٽيسٽ پازيٽو آيا ۽ 48 ماڻهو ان وائرس سبب فوت ٿيا جن مان 44 ماڻهو اسپتالن ۾ ۽ 4 مريض گهرن ۾ قرنطينه دوران فوت ٿيا. ملڪ جي چئن وڏن شهرن ۾ وينٽيليٽرز تي ڪ??وڊ – 19 جي مريضن جي تناسب جي لحاظ کان مل??ان ۾ 49 سيڪڙو، لاهور ۾ 38 سيڪڙو، اسلام آباد ۾ 32 سيڪڙو، پشاور ۾ 29 سيڪڙو مريض آهن. اهڙي طرح ملڪ جي چئن وڏن شهرن ۾ آڪسيجن جي سهولت وارن بسترن ت?? ڪورونا جي مثبت ڪيسن جي تناسب جي لحاظ کان پشاور ۾ 47 سيڪڙو، مل??ان ۾ 38 سيڪڙو، ڪراچي ۾ 40 سيڪڙو ۽ راولپنڊي ۾ 26 سيڪڙو مريض آهن. گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪوويڊ – 19 جا 39 هزار 604 ٽيسٽ ڪيا ويا جن مان ??نڌ ۾ 11 هزار 208، پنجاب ۾ 14 هزار 7، خيبرپختونخواهه ۾ 6 هزار 509، اسلام آباد ۾ 6 هزار 540، بلوچس??ان ۾ 431، گلگت بلتس??ان ۾ 466، آزاد ڪشمير ۾ 443 ٽيسٽ شامل آهن. هيستائين سڄي ملڪ ۾ ڪوويڊ 19 مان ??حتياب ٿيندڙن جو انگ 4 لک 78 هزار 517 ٿي چڪو آهي.گلگت بلتستان، آزاد ڪشمير ۽ بلوچس??ان ۾ ڪوويڊ 19 جو ڪو به مريض هن وقت وينٽيليٽر تي نه آهي، جڏهن ته سڄي ملڪ ۾ ڪوويڊ 19 جي لاءِ مخصوص ڪيل وينٽيليٽرز ت?? ڪوويڊ 19 جا 318 مريض آهن. سڄي ملڪ ۾ ڪوويڊ 19 جي ايڪٽو ڪيسز جو انگ 35 هزار 163 آهي.
اين سي او سي پاران ڪورونا وائرس جي وبا جي حوالي سان تازا انگ اکر جاري
مضمون کا ماخذ : میگا ملینز لائیو ڈرا