اسلام آباد – 14 – جنوري (اي پي پي) نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر (اين سي او سي) ڪورونا وائرس جي وبا جي حوالي سان تازا انگ اکر جاري ڪري ڇڏيا آه??. اين سي او سي پاران جاري ڪيل انگن اکرن موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا وائرس سبب پنجاب کانپوءِ سنڌ ۾ سڀ ک??ن وڌيڪ فوتگيون رڪارڊ ڪيون ويون. سڄي ملڪ ۾ گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا وائرس سبب 46 فوتگيون ٿيون جنهن مان 28 وينٽيليٽرز تي موجود مريض?? جون ٿيون، سڄي ملڪ ۾ 3 هزار 97 ماڻهن جا ڪورونا ٽيسٽ پازيٽو آيا ۽ 46 ماڻهو ??ن وائرس سبب فوت ٿيا جن مان 40 ماڻهو اسپتالن ۾ ۽ 6 مريض گهرن ۾ قرنطينه دوران فوت ٿيا. ملڪ جي چئن وڏن شهرن ۾ وينٽيليٽرز تي ڪووڊ – 19 جي مريضن جي تناسب جي لحاظ کان ملتان ۾ 56 سيڪڙو، پشاور 32 سيڪڙو، لاهور ۾ 36 سيڪڙو ۽ بهاولپور ۾ 55 سيڪڙو مريض آه??. اهڙي طرح ملڪ جي چئن وڏن شهرن ۾ آڪسيجن جي سهولت وارن بسترن تي ڪورونا جي مثبت ڪيسن جي تناسب جي لحاظ کان پشاور ۾ 50 سيڪڙو، ملتان ۾ 33 سيڪڙو، ڪراچي ۾ 37 سيڪڙو ۽ راولپنڊي ۾ 28 سيڪڙو مريض آه??. گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪوويڊ – 19 جا 41 هزار 574 ٽيسٽ ڪيا ويا جن مان سنڌ ۾ 14 هزار 519، پنجاب ۾ 14 هزار 411، خيبرپختونخواهه ۾ 6 هزار 207، اسلام آباد ۾ 5 هزار 264، بلوچستان ۾ 555، گلگت بلتستان ۾ 380، آزاد ڪشمير ۾ 238 ٽيسٽ شامل آه??. هيستائين سڄي ملڪ ۾ ڪوويڊ 19 مان صحتياب ٿيندڙ?? جو انگ 4 لک 67 هزار 234 ٿي چڪو آه??.
اين سي او سي پاران ڪورونا وائرس جي وبا جي حوالي سان تازا انگ اکر جاري
مضمون کا ماخذ : پیش گوئی اور حکمت عملی