اسلام آباد – 08 آڪٽوبر (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر چيو آهي ته 8 ??ڪٽوبر 2005ع جو زلزلو پاڪستاني قوم جي لاءِ هڪ آزمائش هئي ۽ قوم ان آزمائش جي وقت ۾ جنهن اتحاد ۽ يڪجهتي جو مظاهرو ڪيو اهو مثالي هو، ان زلزلي جي تباهڪارين ۽ ان ج?? نتيجي ۾ شهيد ٿيندڙن کي اسان اڄ تائين ناهي وساريو ۽ اهي خاندانن ج??هن جا پيارا ان قدرتي آفت دوران انهن کان وڇڙي ويا انهن ج?? ڏک ۾ برابر جا شريڪ آهيون، اهڙن خيالن ج?? اظهار هن 8 آڪٽوبر 2005ع جي زلزلي جي 15 هين ورسي جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ ڪيو، قومي اسيمبلي جي اسپيڪر چيو ته 8 ??ڪٽوبر جي زلزلي دوران سڄ?? قوم پنهنجي مصيبت ۾ ورتل ڀائرن سان شيهي جي ديوار وانگر گڏ بيٺل رهي، هن چيو ته ان بي مثال قومي اتحاد ۽ يڪجهتي متاثرين کي نئين سر پنهنجي پيرن تي بيهڻ جي لاءِ هڪ نئون حوصلو ۽ عزم ڏنو.
مضمون کا ماخذ : لاٹری کی موبائل ایپ