اسلام آباد – 25 فيبروري (اي پي پي) وفاقي ڪابينا بجلي جون قيمتون نه وڌائڻ، هڪ جهڙو نصاب لاڳو ڪرڻ، احساس پروگرام ۾ پارليامينٽرينز جي شموليت، آڊٽ ۽ سائٽ بورڊ جي ٻن ميمبرن ۽ اي??زم بئنڪ آف پاڪستان جي بورڊ ميمبرن جي مقرري جي منظوري ڏيندي چيو آهي ته موثر ۽ وقت سر حڪومتي قدمن جي ڪري ضرورت جي شين جون قيمتون گهٽ ٿيون آهن، پاڪستان ڪرونا وائرس فري ملڪ آهي، ملڪ ۽ قوم کي ان کان محفوظ رکڻ جي لاءِ هر ??مڪن قدم کنيا ويندا، وزيراعظم عمران خان احساس پروگرام تي مڪمل اطمينان جو اظهار ڪيو آهي. اها ڄاڻ و??يراعظم عمران خان جي صدارت هيٺ وفاقي ڪابينا جي اجلاس کانپوءِ وزيراعظم جي اطلاعات ?? نشريات بابت خاص مددگار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ بريفنگ ڏيندي ڏني.
مضمون کا ماخذ : عظیم البینی