اسلام آباد – 06 آڪٽوبر (اي پي پي) حڪومتي ترجمان وزيراع??م عمران خان کي گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي اجلاس کانپوءِ پاڪستان واپسي تي سعودي ولي ع??د محمد بن سلمان پاران خصوصي جهاز کي ڪئناڊا کان واپس نيويارڪ گهرائڻ جي رپورٽ کي من گهڙت قرار ڏيندي ان کي رد ڪري ڇڏيو آهي. جاري بيان ۾ چيو ويو آهي ته ويڪلي ميگزين ۾ ان حوالي سان شايع ٿيندڙ رپورٽ سراسر غلط آهي ۽ ان ۾ ڪا صداقت نه آهي. ترجمان چيو ته اها رپورٽ وزيراع??م عمران خان جي نيويارڪ ۾ ترڪيءَ ۽ ملائيشيا جي اڳواڻن سان ملاقاتن بابت ڏنل رپورٽ وانگر بي بنياد ۽ هٿ ٺوڪي ڪهاڻي آهي.
مضمون کا ماخذ : ٹمپل ٹمبل