ليه – 02 مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد نواز شريف چيو آهي ته اسان سياست کي عبادت سمجهون ٿا، گند اڇلائيندڙ ۽ ڪوڙ ڳالهائيندڙ ليڊر بڻجڻ جو حق نه ٿا رکن، مخالفن جي ايجنڊا ڪوڙ ڳالهائڻ ۽ فريب آ??ي، اسان جو مقصد رڳو پاڪستان جي ترقي ۽ خوشحالي آ??ي، صبح کان رات تائين ۽ رات کان صبح تائين عوام جي خدمت ڪندو رهندس جڏهن ته ??خالف سياست مان ڀڄي ويندا. هن اها ڳالهه ليه – تونسه پل جي پيڙهه جو پٿر رکڻ ??ي موقعي تي هڪ عظيم الشان عوامي ميڙ کي خطاب ڪندي چئي. وزيراعظم وڏي انگ ۾ موجود عوام جي جوش ۽ جذبي کي ساراهيندي چيو ته جيڪڏهن ڪنهن کي غلط فهمي آهي ته اهو ليه اچي ڏسي وٺي، 2013ع جي چونڊن ۾ به ليه جي عوام وڏي اڪثريت سان مسلم ليگ (ن) کي ڪامياب ڪيو ۽ اڄ جو جلسو به 2018ع جي ڪاميابي جي خوشخبري ٻڌائي رهيو آهي.
مضمون کا ماخذ : مڈاس گولڈ