اسلام آباد – 03 اپريل (اي پي پي) اطلاعات، نشريات ۽ قومي ورثي واري مملڪتي وزير مريم او??نگزيب چيو آهي ته 2013ع ۾ ڊيفالٽ جي پوزيشن تي بيٺل پاڪستان کي وزيرا??ظم محمد نواز شر??ف جي قيادت ۾ اڻٿڪ محنت، لگن ۽ لاڳيتو ڪوششن جي ڪري اڄ سڄي دنيا ۾ اڀرندڙ معيشت رکندڙ ملڪن جي فهرست ۾ پاڪستان به شامل ٿي چڪو آهي. هو پريس انفارميشن ڊپارٽمينٽ (پي آءِ ڊي) ۾ چترال پريس ڪلب جي نئ??ن چونڊيل عهديدارن جي حلف برداري واري تقريب کي خطاب ڪري رهي هئي. ايم اين اي افتخار الدين، پي آءِ او رائو تحسين علي، چترال پريس ڪلب جا عهديدار ان موقعي تي موجود هئا. اطلاعات، نشريات ۽ قومي ورثي واري مملڪتي وزير مريم او??نگزيب کي چترال پريس ڪلب جي صدر ۽ جنرل سيڪريٽري چترال جي خوبصورت شال جو تحفو پيش ڪيو.
مضمون کا ماخذ : loteria com prêmio acumulado