اسلام آباد – 07 آڪٽوبر (اي پي پي) پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس ڀارتي جارحيت ۽ والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ انساني حقن جي خلاف ورزين ۽ معصوم شهرين جي قتل جي مذمت بابت قرارداد جي اتفاق راءِ سان منظ??ري ڏئي ڇڏي. جمعي ڏينهن وزيراعظم جي پرڏيهي معاملن واري صلاحڪار سرتاج عزيز قرارداد ايوان ۾ پيش ڪئي. قرارداد ۾ چيو ويو آهي ته پارليامينٽ جو گڏيل اجلاس گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن ۽ عالمي قانون موجب خودمختياري واري حق جي لاءِ ڪشميري عوام طرفان شر??ع ڪيل ان??ن جي پنهنجي جدوجهد جي جائز حيثيت کي تسليم ڪري ٿو ۽ والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ڀارتي فوج طرفان طاقت جي ظالماڻي استعمال جي شديد مذمت ڪري ٿو جن??ن جي نتيجي ۾ 110 کان وڌيڪ ماڻهو شهيد ۽ 12 هزار کان وڌيڪ شديد زخمي ٿيا جن مان ڪيترن جي حالت نازڪ آهي، قرارداد ۾ چيو ويو آهي ته پارليامينٽ جو گڏيل اجلاس مظاهرين جي مٿان ڇرن وارين بندوقن جي استعمال ۽ کين نشانو بڻائڻ جي به شديد مذمت ڪري ٿو جن??ن جي نتيجي ۾ 700 کان وڌيڪ ماڻ??ن جي اکين تي زخم آيا آهن ۽ گهٽ ۾ گهٽ 150 ماڻهو مڪمل طور تي نابين ٿي چڪا آهن، قرارداد ۾ چيو ويو آهي ته پارليامينٽ جو گڏيل اجلاس ڀارتي والاريل ڄمون ۽ ڪشمير جي بهادر عوام جي ڀارت جي رياستي دهشتگردي جي خلاف مسلسل بي مثال جدوجهد تي سندن حوصلي ۽ عزم کي سلام پيش ڪري ٿو ۽ حريت قيادت انساني حقن جي ڪارڪنن، صحافين ۽ ٻين سياسي شخصيتن جي گرفتاري ۽ کين حراست ۾ رکڻ تي شديد ڳڻتي جو اظهار ڪري ٿو ۽ ڀارتي حڪومت تي زور ڏنو ٿو ته هو کين ف??ري طور تي آزاد ڪري.
پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس پاران ڀارتي جارحيت خلاف مذمتي قرارداد اتفاق راءِ سان منظور
مضمون کا ماخذ : کمپیوٹر لاٹری کے اعدادوشمار