اسلام آباد – 24 آگسٽ (ا?? پي پي) وزيراعظم مح??د نواز شريف مختلف فرقن جي پوئلڳن جي وچ ۾ بين العقيده هم آهنگي کي هٿي وٺرائڻ جي لاءِ عالم سڳورن ۽ مذهبي اسڪالرن جي ڪردار کي اجاگر ڪندي ان ڳالهه تي زور ڀريو آهي ته اسان کي پرامن گڏيل بقاءَ ۽ مذهبي هم آهنگي جي پنهن??ي گڏيل مقصد حاصل ڪرڻ جي لاءِ برداشت، رواداري ۽ گڏيل احترام جي اعليٰ قدرن کي هٿي وٺرائڻ جي ضرورت آهي. هن اها ڳالهه دائودي بوهره برادري جي سربراهه ڊاڪٽر سيدنا ??فضل سيف الدين جي سربراهي ۾ ملاقات ڪندڙ وفد سان ڳالهائيندي چئي. وزيراعظم ڊاڪٽر سيدنا ??فضل سيف الدين جي آجيان ڪندي چيو ته سندس پاڪستان جي دوري سان عوام جي وچ ۾ سماجي ۽ ثقافتي رشتن کي هٿي ملندي.
مضمون کا ماخذ : estatisticas para ganhar na loteria