واشنگٽن-24 آڪٽوبر (اي پي پي)آءِ ايم ايف چيو آهي ته عالمي برادري واپاري جنگ کان پاسو ڪري ڇاڪاڻ ته اهڙي جنگ جي صورت عالمي معيشت جي ڳاڻيٽي ۾ فرانس ۽ جرمني کي گڏيل معيشت جي برابر گهٽتائي آڻي سگهي ٿي. پرڏيهي ميڊيا موجب جيڪڏهن دنيا جي ??ڏين معيشتن وچ ۾ وسيع البنياد واپاري جنگ شروع ٿي ويندي ته عالمي معيشت تي ان جا بي حد ناڪاري اثر پوندا ۽ ان جي ڳاڻيٽي ۾ فرانس ۽ جرمني جي ??عيشتن جي ??جموعي ڳاڻيٽي جي برابر گهٽتائي اچي سگهي ٿي. آءِ ايم ايف جي ان هدايت ??و پس منظر آمريڪي صدارتي اميدوار ڊونلڊ ٽرمپ جا اهي بيان آهن جنهن ۾ هن چيو آهي ته ڪاميابي جي صورت ۾ هو آمريڪا ۾ سموري آمدني واپار تي 20 سيڪڙو تائين يونيورسل ٽيڪس يا ٽيرف متعارف ڪرائڻ جو ارادو رکي ٿو. ٻئي پاسي يورپي يونين ڊونلڊ ٽرمپ جي ايندڙ چونڊن ۾ ڪاميابي ۽ ان طرفان ان منصوبي کي عملي جامو پارائڻ ڏانهن اڳڀرائي جي صورت ۾ جوابي ڪارروائي طور آمريڪي آمدني واپار تي وڏو ٽيڪس لاڳو ڪرڻ جي ??اڻي کان منصوبابندي شروع ڪئي وئي آهي. آمريڪي صدارتي اميدوار ڊونلڊ ٽرمپ گذريل هفتي چيو هو ته ٽيرف ڊڪشنري ۾ سڀ کان خوبصورت لفظ آهي ۽ عالمي منڊين ۽ مختلف ملڪن جا ناڻي وارا وزير هاڻي انهن خيالن تي عملدرآمد جي امڪانن تي س??جي??گي سان غور شروع ڪري ڇڏيو آهي. آءِ ايم ايف جي ڊپٽي مينيجنگ ڊائريڪٽر چيو ته سندس ادارو اڃان تائين ڊونلڊ ٽرمپ جي ??اپاري منصوبن جي تفصيلن جو اندازو نٿ?? لڳائي سگهي پر سندس خيال آهي ته ٽيرف جي ??ڏي سنگين ڊي ڪپلنگ ۽ وڏي پئماني تي استعمال عالمي جي ڊي پي ۾ 7 سيڪڙو جي ??ڳ ڀڳ گهٽتائي ڪري سگهي ٿو. هن چيو ته آمدني واپار تي ڳرو ٽيڪس لاڳو ڪرڻ جو گذريل ٻن ٽن ڏهاڪن ۾ ڪو به مثال موجود ناهي. هن چيو ته ماضي ۾ مهانگائي کي گهٽ ڪرڻ جي ??دمن جي ??تيجي ۾ سڄي دنيا ۾ نوڪري ڪندڙ ماڻهن جو وڏو انگ بيروزگار ٿي ويو جنهن جو مطلب آهي ته ادارن جي ڊائون سائزنگ مهانگائي جي اثرن کي گهٽ ڪرڻ جو ڪو موثر طريقو ناهي. هن چيو ته جيتوڻيڪ هاڻوڪي عرصي دوران بي روزگاري جي شرح ۾ ڪنهن خاص اضافي کانسواءِ ناڻي واڌ جي شرح ۾ گهٽتائي ڏٺي وئي جيڪا ملڪن جي ??رڪزي بئنڪن لاءِ سٺي خبر آهي پر اسان کي هن وقت دنيا ۾ وڌندڙ عدم استحڪام جي ??س منظر ۾ ملڪن جي ??عيشتن کي ناڪاري اثرن کي برداشت ڪرڻ جي ??ابل بڻائڻو پوندو.
عالمي برادري واپاري جنگ کان پاسو ڪري، ان جا معيشت تي ناڪاري اثر پوندا: آءِ ايم ايف
مضمون کا ماخذ : میگا سینا آن لائن