واشن??ٽن-25 آڪٽوبر (اي پي پي) خلائي تحقيق جي آمريڪي اداري ناسا جو اسپيس ايڪس ڪريو-8 مشن عالمي خلائي اسٽيشن کان 4 خلابازن کي کڻي زمين تي پهچي ويو. پرڏيهي ميڊيا جي رپورٽ موجب انڊيور نالي جهاز ذريعي زمين تي واپس آيل خلابازن ۾ ناسا جي خلاباز ميٿيو ڊومينڪ، مائيڪل بيراٽ، جينيٽ ايپس ۽ روسي خلاباز اليگزينڊر گريبينڪن شامل هئا. عالمي خلائي اسٽيشن تي پنهنجي 233 ڏينهن جي ترسڻ دوران خلابازن انساني صحت، مٽيريل سائنس ۽ زراعت سميت مختلف شعبن ۾ 200 کان وڌيڪ تجربا ڪيا جن جو مقصد مستقبل جي ڊگهي وقت جي خلائي مشنن لاءِ ضروري ڄاڻ کي اڳيان وڌائڻ ۽ زمين تي زندگيءَ کي فائدو پهچائڻ آهي. خاص طور تي هنن دماغي آرگنائيزڊ ?? ٻوٽن جي واڌ ويجهه تي مائڪرو گريوٽي جي اثرن جو مطالعو ڪيو، جنهن سان ڳالهه کي بهتر سم??هڻ ۾ مدد ملي ته جاندار خلائي حالتن مطابق ڪيئن سم??ئجي سگهن ٿا. سامونڊي طوفان ملٽن ۽ علائقي ۾ ٻين طوفانن سبب خراب موسمي حالتن سبب ابتدائي طور تي مشن کي واپسيءَ ۾ دير ٿي هئي.
ناسا جو اسپيس ايڪس ڪريو-8 مشن عالمي خلائي اسٽيشن کان 4 خلابازن کي کڻي زمين تي پهچي ويو
مضمون کا ماخذ : como apostar na mega sena