واشنگٽن – 27 سيپٽمبر (اي پي پي) آمريڪا جي سينٽر فار ڊيزيز ڪنٽرول پريونشن پنهنجي تازي رپورٽ ۾ چيو آهي ته 2023ع ۾ 49 هزار 500 ماڻهن آپگهات ڪيو، اهي شروعاتي انگ اکر آهن ۽ انهن ۾ اضافو ممڪن آهي ڇو جو وڌيڪ ڊيٽا جو ??جزيو ڪيو پيو وڃي. ميڊيا اداري جي رپورٽن جي حوالي سان ٻڌايو آهي ته 2023ع جي حتمي رپورٽ مطابق اٽڪل 49 هزار 500 ماڻهن آپگهات ڪيو آهي. سي ڊي ايس جي اختيارين چيو آهي ته اهو انگ گذريل 2 سالن دوران آپگهات جي شرح جي ويجهو آهي. آپگهات جي واقعن جو مطالعو ڪند?? ڪولمبيا يونيورسٽي ۾ پبلڪ هيلٿ جي پروفيسر ڪيٿرين ڪيز چيو آهي ته آمريڪا ۾ ڪورونا وائرس جي وبا جي شروعات کانپوءِ ٻن سالن کي ڇڏي آپگهات جي شرح اٽڪل 20 سالن ک??ن وڌي رهي آهي. ماهرن خبردار ڪيو آهي ته آپگهات ملڪ ۾ فوتگين جو 11 هون وڏو سبب آهي جيڪو ٻين عملن سبب وڌيڪ مونجهاري جو ??ڪار ٿي سگهي ٿو، انهن عملن ۾ ڊپريشن جي اعليٰ شرح ، دماغي صحت جي خدمتن جي محدود دستيابي ۽ هٿيارن جي آساني سان دستيابي شامل آهن. رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته 10 کان چوڏنهن سال ۽ 20 کان 34 سالن جي عمر جي ماڻهن جي موت جو ٻيون جڏهن ته 15 کان 19 سالن جي عمر جي ماڻهن لاءِ موت جو ٽيون اهم سبب آپگهات هو. ڇوڪرين ۽ عورتن جي ڀيٽ ۾ ڇوڪرن ۽ مردن ۾ آپگهات جو ??نگ اڃان به و??يڪ آهي.
آمريڪا ۾ 2023ع دوران 49 هزار 400 ماڻهن آپگهات ڪيو: رپورٽ
مضمون کا ماخذ : پاور بال کے اعدادوشمار