انقره-30 نومبر (اي پي پي)ترڪ صد?? رجب ط??ب اردوان چيو آهي ته اسان يرغمالين جي آزادي ۽ غزه ۾ پائيدار جنگ بندي لاءِ پنهنجون ڪوششون تيز ڪري ڇڏيون آهن. چيني خابرو اداري موجب فلسطيني عوام سان يڪجهتي جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي سوشل ميڊيا ايڪس تي جاري پوسٽ ۾ هن چيو ته اسان يرغمالين جي آزادي ۽ جنگ بندي کي مستقل ڪرڻ لاءِ پنهنجي رابطن کي تيز ڪنداسين. هن چيو ته اميد آهي ته اسان جا قدم مستقبل ۾ گهڻ رخي انداز ۾ جاري رهندا. هن چيو ته ترڪ حڪومت غزه جي ماڻهن لاءِ انساني ا??دا?? جي پهچ جاري رکي آهي ۽ هن وقت تائين 12 ا??دا??ي جهاز ۽ هڪ جهاز مصر موڪليو آهي. هن چيو ته اسان زخمي ماڻهن، خاص طور تي ڪينسر ??ي مريضن ۽ ٻارن کي ترڪي کڻي وڃي انهن جو علاج ڪري رهيا آهيون ۽ اسان غزه ۾ ترڪ فيلڊ اسپتال قائم ڪنداسين جنهن لاءِ هنڌ جي ڳولا جاري آهي.
مضمون کا ماخذ : میگا ملینز کا انعام